ڪراچي (بيورو رپورٽ): ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر عارف ساقي ۽ سندس ڀائٽي تي تشدد واري ڪيس ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي مرڪزي جوابدار ڪونين شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس اختيارين موجب جوابدار ڪونين شاهه جي شهر کان ٻاهر فرار ٿيڻ جو خدشو هو، جنهن سبب کيس گرفتار ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ان کان اڳ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت پڻ ڪرائي چڪو هو.
ذريعن موجب پروفيسر عارف ساقي ۽ سندس ڀائٽي تي تشدد واري معاملي تي خميس ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي گھرو معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت چيئرپرسن فريال ٽالپر ڪئي.
اجلاس دوران جوابدار کي هيل تائين گرفتار نه ڪرڻ تي فريال ٽالپر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي هئي ته مرڪزي جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.
ان کان اڳ خميس ڏينهن منجهند جو پوليس جي وڏي نفري صفورا چورنگي واري علائقي ۾ جوابدار جي ريسٽورنٽ کي پڻ بند ڪري ڇڏيو هو.
ياد رهي ته اڱاري ڏينهن ريسٽورنٽ ٻاهران جوابدار ڪونين شاهه مبينا طور پنهنجي ساٿين سان گڏجي پروفيسر عارف ساقي ۽ سندس ڀائٽي وحيد کي معمولي تڪرار تان تشدد جو نشانو بڻايو هو.
واقعي جو ڪيس سچل ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي.
هاڻي مرڪزي جوابدار ڪونين شاهه جي گرفتاري کانپوءِ پوليس طرفان واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن خلاف به ڪارروائي جو امڪان آهي.