لائیو ڇا سيلفي مان ڪينسر جي مريض جي زندگي جا امڪان ڄاڻي سگهبا؟ نئين ٽيڪنالاجي تيار

فہرستِ مضامین

آمريڪا (انٽرنيشنل ڊيسڪ): آمريڪي سائنسدانن مصنوعي ذهانت تي ٻڌل اهڙو الگورٿم تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو مريض جي چهري جي هڪ تصوير جو تجزيو ڪري ڪينسر ۾ مبتلا ماڻهن جي بقاءَ جي امڪانن بابت اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ٽيڪنالاجي طبي شعبي ۾ نئين اڳڀرائي آهي، پر في الحال ان کي ڊاڪٽرن جي متبادل طور استعمال نٿو ڪري سگهجي.

آمريڪا جي ريسرچ نيٽ ورڪ ميساچوسٽس جنرل برگهم جي محققن هي جديد ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي. رپورٽ موجب، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل هن نظام کي چئن ڪروڙن کان وڌيڪ چهري جي تصويرن ذريعي تربيت ڏني وئي، جڏهن ته 30 هزار کان وڌيڪ ڪينسر جي مريضن جي تصويرن ۽ طبي معلومات جي مدد سان ان جي ڪارڪردگي جي جاچ ڪئي وئي.

تحقيقي جرنل ”دي لينسيٽ ڊجيٽل هيلٿ“ ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب، هي نظام چهري جي انتهائي باريڪ خصوصيتن جو تجزيو ڪري ٿو، جيڪي ڪنهن شخص جي جسماني حالت ۽ حياتياتي عمر بابت معلومات فراهم ڪري سگهن ٿيون.

محققن ان مقصد لاءِ ٻه اوزار تيار ڪيا آهن، جن جا نالا ”ايف اي ايڇ آر فيس ايج“ ۽ ”ايف اي ايڇ آر فيس سروائيول“ آهن. پهريون اوزار چهري جي ظاهري نشانين جي بنياد تي ڪنهن شخص جي حياتياتي عمر جو اندازو لڳائي ٿو، جڏهن ته ٻيو اوزار ڪينسر جي مريضن جي چهري جي خصوصيتن جو تجزيو ڪري انهن جي بقاءَ جي امڪانن بابت اڳڪٿي ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اکين جي هيٺان ۽ نڪ جي وچ واري هڏي جي ڀرپاسي وارو حصو بقا جي امڪانن بابت اڳڪٿي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

محققن موجب، سگريٽ نوشي، شراب جو گهڻو استعمال ۽ منشيات جو استعمال چهري تي وقت کان اڳ پوڙهائپ جون نشانيون ظاهر ٿيڻ سان لاڳاپيل آهن.

ماهرن واضح ڪيو آهي ته هي ٽيڪنالاجي ڪنهن شخص ۾ ڪينسر جي تشخيص نٿي ڪري ۽ نه ئي اها ٻڌائي ٿي ته ڪو مريض ڪيترو عرصو زنده رهندو. ان جي بدران، هي نظام مريضن جي مختلف گروهن ۾ اهڙا نمونا سڃاڻي ٿو، جن جو بقا جي مختلف نتيجن سان لاڳاپو ٿي سگهي ٿو.

محققن جو خيال آهي ته مستقبل ۾ هن ٽيڪنالاجي جي مدد سان اهو اندازو لڳائڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي ته ڪينسر جو ڪو مريض سخت ۽ پيچيده علاج برداشت ڪرڻ جي جسماني صلاحيت رکي ٿو يا نه.

ٻئي طرف، آزاد ماهرن هن ٽيڪنالاجي بابت سوال اٿاريا آهن ته ڇا اها اهڙي نئين معلومات فراهم ڪري ٿي، جيڪا ڊاڪٽرن کي عام طبي معائني دوران حاصل نٿي ٿئي. محققن جو چوڻ آهي ته اسپتالن ۾ روزاني استعمال کان اڳ هن نظام جي وڌيڪ جاچ ۽ تحقيق ضروري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں