چين جي تبت واري علائقي ۾ 7.1 شدت جو زلزلو، 16 ڄڻا فوت، 65 زخمي

فہرستِ مضامین

بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) چين جي تبت واري علائقي ۾ 7.1 شدت جي تباهي مچائيندڙ زلزلي سبب گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا فوت ۽ 65 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 339 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. زلزلي کانپوءِ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته پاڪستان به ڏکئي وقت ۾ چين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

چيني علائقي تبت جي اترين شهر ناگچو ۾ زلزلي سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ملبي هيٺان ماڻهو دٻيل هجڻ سبب فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو.

اختيارين موجب، امدادي سرگرمين ۾ 1600 کان وڌيڪ اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته متاثرن لاءِ هڪ هزار عارضي گهر، لڳ ڀڳ ٽي هزار خيما ۽ ٻيو ضروري سامان موڪليو ويو آهي. امدادي سامان ۾ بسترا، کاڌي پيتي جون شيون، ٽارچون ۽ سردي کان بچاءَ لاءِ ڪپڙا پڻ شامل آهن.

آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب، زلزلو چيني وقت موجب رات 10 لڳي 33 منٽن تي آيو، جنهن جو مرڪز ناگچو شهر کان 191 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو، جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 18 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي کانپوءِ 4.3 کان 5.2 شدت جا گهٽ ۾ گهٽ ست آفٽر شاڪس پڻ محسوس ڪيا ويا.

زلزلي سبب ڪجهه علائقن ۾ مواصلاتي نظام متاثر ٿيو، جڏهن ته احتياطي طور متاثر علائقي مان گذرندڙ ٽرينون روڪيون ويون آهن. لينڊ سلائيڊنگ سبب نيشنل هاءِ وي 317 جو هڪ حصو پڻ بند ڪيو ويو آهي، جتي رڳو امدادي ۽ سرڪاري گاڏين کي اچ وڃ جي اجازت ڏني وئي آهي. متاثر علائقي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران وقفي وقفي سان برفباري جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.

چيني صدر شي جن پنگ لاڳاپيل اختيارين کي متاثرن کي بچائڻ ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. هي زلزلو گذريل پنجن سالن دوران ان علائقي ۾ ايندڙ سڀ کان شديد زلزلو ڄاڻايو ويو آهي.

پاڪستان پاران چين سان يڪجهتي جو اظهار

وزيراعظم شهباز شريف زلزلي سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان ۽ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي چين سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ايڪس پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام، خاص طور پنهنجن پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان دلي تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ کين هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں