لائیو ڀارت جيڪڏھن پاڪستان جو پاڻي روڪيو تہ ان کي جنگي قدم تصور ڪيو ويندو: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): وزيراعظم شهباز شريف خبردار ڪيو آهي ته پاڻي پاڪستان جي ريڊ لائين آهي، ڀارت جيڪڏهن پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي جنگي قدم تصور ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.

مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهيون ٿيون، جن دوران 20 مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي وئي.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد پهچڻ تي مالديپ جي صدر جو استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته سندس اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ علائقائي توڙي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

واپار 20 ڪروڙ ڊالرن تائين وڌائڻ جو هدف

ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، سياحت، غذائي تحفظ، دوائن ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ٻن سالن اندر ٻطرفي واپار کي موجوده هڪ ڪروڙ 34 لک ڊالرن مان وڌائي 20 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف مالديپ کي ضروري غذائي شين ۽ دوائن جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي تياريءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ان مقصد لاءِ ٻنهي حڪومتن وچ ۾ سڌي ريت انتظام ڪري سگهجن ٿا.

هن مالديپ جي شاگردن لاءِ هر سال وڌيڪ 20 انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو، جڏهن ته صحت، پيشوراڻي تربيت ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۾ سهڪار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.

مالديپ ۾ هڪ لک زيتون جا ٻوٽا ۽ هڪ لک ٻج فراهم ڪيا ويندا

مالديپ جي صدر جي پنجاهه لک وڻ پوکڻ واري منصوبي ۾ سهڪار لاءِ پاڪستان ايندڙ 12 مهينن دوران هڪ لک زيتون جا ٻوٽا ۽ مختلف قسمن جا هڪ لک ٻج فراهم ڪندو. ٻوٽن ۽ ٻجن جي فراهمي موسمي دستيابيءَ موجب ڪئي ويندي.

ان کانسواءِ پاڪستان جا ماهر مالديپ وڃي اتي ٻوٽن جون نرسريون قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا، جنهن سان ٽن سالن اندر مجموعي طور ڏهه لک ٻوٽا تيار ڪرڻ ۾ سهڪار ملندو.

ڪشمير، سنڌ طاس معاهدي ۽ فلسطيني مسئلي تي به ڳالهيون

علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن امن، ڳالهين، خودمختياريءَ جي احترام ۽ عالمي قانون تي عمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف فلسطيني مسئلي تي مالديپ جي اصولي موقف کي ساراهيو، جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، سنڌ طاس معاهدي ۽ علائقائي سلامتيءَ بابت پاڪستان جو موقف پڻ پيش ڪيو.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ صحت، تعليم، فني تربيت، سياحت، شهري هوابازي، زراعت، ماهيگيري، دفاع، سامونڊي سلامتي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سماجي تحفظ، ثقافت ۽ نوجوانن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار لاءِ 20 مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي وئي.

مالديپ جي صدر کي اعزازي پي ايڇ ڊي ڏني وئي

انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد پاران مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي سياست ۽ عالمي لاڳاپن جي شعبي ۾ اعزازي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وئي. اها ڊگري سندس قيادت، عوامي خدمتن ۽ مالديپ جي ترقيءَ لاءِ ڪيل ڪوششن جي اعتراف ۾ ڏني وئي.

واضح رهي ته مالديپ جي صدر جو هي دورو گذريل 11 سالن دوران ڪنهن مالديپي صدر جو پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي. اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 60 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ٿي رهيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں