ممبئي/گوا (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي سينيما جو مشهور ۽ بااثر اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. رپورٽن موجب اداڪار کي خميس جي صبح گوا ۾ سندس رهائشگاهه تي بيهوش ٿي ويو جنهن کانپوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر ڊاڪٽر کيس بچائي نه سگهيا.
ڀارتي ميڊيا موجب نانا پاٽيڪر کي اوچتو سخت ڇاتي ۾ سور جي شڪايت ٿي، جنهن کانپوءِ طبي ٽيم سندس گوا واري رهائشگاهه تي پهتي. هو بيهوش حالت ۾ هو ۽ کيس فوري طور منيپال اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن تقريبن 45 منٽن تائين سي پي آر ڏني، پر سندس جان نه بچي سگهي. ڊاڪٽرن موجب موت جو امڪاني سبب دل جو دورو آهي، جڏهن ته موت جي حتمي سبب جي تصديق لاءِ پوسٽ مارٽم پڻ ڪيو ويندو.
نانا پاٽيڪر جو اصل نالو وشواناٿ پاٽيڪر هو. هن 1978ع ۾ فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي منفرد اداڪاري، طاقتور ڊائلاگ ڊليوري ۽ سنجيده ڪردارن سبب هندي ۽ مراٺي سينيما ۾ الڳ سڃاڻپ ٺاهي.
هن ’پرندا‘، ’ڪرانتي وير‘، ’اگني ساڪشي‘، ’خاموشي: دي ميوزيڪل‘، ’اب تڪ ڇپن‘ ۽ ’ويلڪم‘ سميت ڪيترين ئي مشهور فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا. سندس فني خدمتن کي ٽن نيشنل فلم ايوارڊز ۽ 2013ع ۾ پدم شري ايوارڊ سان پڻ مڃتا ڏني وئي.
نانا پاٽيڪر جي لاڏاڻي سان ڀارتي فلمي دنيا هڪ اهڙي اداڪار کان محروم ٿي وئي، جنهن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجي منفرد انداز ۽ طاقتور اداڪاري سان مداحن جي دلين تي راڄ ڪيو.