ڀارتي اداڪارا نصرت ڀروچا بالي ۾ پيش آيل حادثي ۾ زخمي ٿي پئي، جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا ڪم جي سلسلي ۾ بالي ۾ ترسيل هئي، جتي هوءَ حادثي جو شڪار ٿي زخمي ٿي پئي.
ميڊيا رپورٽن مطابق نصرت ڀروچا هن وقت بالي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جڏهن ته حادثي جا تفصيل ۽ زخمن جي نوعيت بابت وڌيڪ معلومات سامهون ناهي آئي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪارا جي صحت بابت به في الحال تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا، جڏهن ته علاج سبب سندس بالي ۾ رهائش ڪجهه ڏينهن وڌيڪ وڌي وئي آهي.
رپورٽن موجب نصرت ڀروچا اداڪار ٽائيگر شروف جي ايندڙ فلم جي ڪاسٽ ۾ شامل آهي، جيڪا ٽائيگر شروف سان گڏ سندس پهرين فلم هوندي.