لائیو پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن جي بازيابي وارو ڪيس، لاهور هاءِ ڪورٽ اهم حڪم ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي ٽنهي ڀينرن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي گهرو سيڪريٽري ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ کي 28 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت ۾ ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته باني پي ٽي آءِ جي ٽنهي ڀينرن جي نظربندي جا حڪم 19 ۽ 20 آڪٽوبر تي ختم ٿي چڪا آهن.

ٻڌڻي دوران عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر کي ڪيس ۾ ڌر ڇو نه بڻايو ويو؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته ڊپٽي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نظربندي جو نوٽيفڪيشن ختم ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس ڌر نه بڻايو ويو.

ان موقعي تي عظميٰ خان جي مڙس احد خان عدالت کي درخواست ڪئي ته لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر کي به طلب ڪيو وڃي.

جسٽس اظهر گل ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ڊپٽي ڪمشنر کي ڪيس ۾ ڌر ئي نه بڻايو ويو آهي ته پوءِ کيس عدالت ۾ ڪيئن طلب ڪري سگهجي ٿو؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں