لائیو پاڪستان ۾ مهانگائي ڪيتري وڌندي؟ عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ اهم اڳڪٿي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي بينڪ پاڪستان جي معيشت بابت 2026ع جي اقتصادي رپورٽ جاري ڪندي معاشي صورتحال، مهانگائي ۽ معاشي واڌ بابت اهم اڳڪٿيون ڪيون آهن.

رپورٽ موجب مالي سال 2025-26ع دوران پاڪستان جي معاشي شرحِ نمو 3.7 سيڪڙو رهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال 2026-27ع دوران معاشي واڌ 3.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.

عالمي بينڪ موجب هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 8.2 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال مهانگائي جي سراسري شرح 7.1 سيڪڙو رهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زرعي شعبي جي شرحِ نمو 2.9 سيڪڙو رهي، جنهن ۾ لائيو اسٽاڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته خدمتن جي شعبي ۾ 4.1 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

عالمي بينڪ موجب پاڪستان جا پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 19.7 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته مجموعي مالي خسارو گهٽجي مجموعي قومي پيداوار جي 2.6 سيڪڙو جي برابر رهيو.

رپورٽ موجب ايس اينڊ پي ۽ موڊيز پاڪستان جي قرضن جي ريٽنگ بهتر ڪئي، جڏهن ته پاڪستان عالمي مارڪيٽ ۾ 750 ملين ڊالر ۽ 3 ارب ڊالر جا يورو بانڊز پڻ جاري ڪيا.

عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب توانائي جي قيمتن ۾ واڌ سان پاڪستان ۾ مهانگائي جو دٻاءُ وڌيو. مارچ کان جون 2026ع دوران مهانگائي جي سراسري شرح 10.2 سيڪڙو رهي، جڏهن ته مئي 2026ع ۾ اها 11.7 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.

رپورٽ موجب فيبروري کان جون 2026ع دوران پيٽرول جي قيمت ۾ تقريبن 36 سيڪڙو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۾ 31 سيڪڙو ۽ ايل پي جي جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 46 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ پڻ تقريبن 30 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں