وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان لاءِ وڏو رليف، قطر کان سستو ايل اين جي ڪارگو ملي ويو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ جغرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان کي قطر کان ڊگهي مدي واري معاهدي تحت ايل اين جي جو نئون ڪارگو حاصل ٿي ويو آهي، آبنائي هرمز ذريعي محفوظ نموني پاڪستان پهچندڙ هي ڪارگو نه رڳو ملڪ جي توانائي سلامتي کي هٿي ڏيندو، پر اسپاٽ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ قيمت سبب پرڏيهي ناڻي جي بچت جو به سبب بڻجندو.

قطر انرجي کان حڪومت کان حڪومت (جي ٽو جي) ڊگهي مدي واري معاهدي تحت حاصل ڪيل ايل اين جي ڪارگو جهاز آبنائي هرمز ڪاميابي سان پار ڪري 31 جولاءِ تي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيندو، جنهن سان ملڪ ۾ گيس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻجندي.

رپورٽن موجب، هن ڪارگو جي قيمت برينٽ خام تيل جي 13.37 سيڪڙو جي برابر مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا عالمي اسپاٽ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ واضح طور سستي آهي.

اسپاٽ مارڪيٽ ۾ ايل اين جي جي قيمت 22 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو کان وڌي چڪي آهي، جڏهن ته نيون اسپاٽ ٻوليون گهرائڻ جي صورت ۾ اها 23.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو کان به مٿي وڃي سگهي ٿي، جنهن سبب ڊگهي مدي وارو معاهدو پاڪستان لاءِ معاشي طور وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي رهيو آهي.

سينيئر عملدارن موجب، وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ ۽ نيشنل ڪرائسس مئنيجمينٽ سيل وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باوجود ايل اين جي ڪارگو کي آبنائي هرمز مان محفوظ نموني پاڪستان تائين پهچائڻ لاءِ گڏيل ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪئي، جنهن سان ملڪ جي توانائي فراهمي کي ممڪن خطري کان بچايو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں