وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 18 هزار 832 ارب رپين کان وڌيڪ اضافو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ گذريل 28 مهينن دوران 18 هزار 832 ارب رپين جو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري قرض ۾ روزانو سراسري طور 22 ارب 40 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اضافو ٿيو.

اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب مارچ 2024ع کان جون 2026ع تائين 28 مهينن دوران وفاقي حڪومت جي مقامي قرض ۾ 16 هزار 766 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرض ۾ 2 هزار 66 ارب رپيا اضافو ٿيو.

دستاويزن مطابق نگران حڪومت جي آخري مهيني فيبروري 2024ع تائين وفاقي حڪومت جو مجموعي قرض 64 هزار 810 ارب رپيا هو، جيڪو 28 مهينن دوران واڌ کانپوءِ جون 2026ع تائين وڌي 83 هزار 642 ارب رپيا ٿي ويو.

اسٽيٽ بينڪ جي انگن اکرن موجب فيبروري 2024ع تائين وفاقي حڪومت جو مقامي قرض 42 هزار 675 ارب رپيا هو، جيڪو جون 2026ع تائين وڌي 59 هزار 441 ارب رپيا ٿي ويو.

اهڙي طرح فيبروري 2024ع تائين وفاقي حڪومت جو پرڏيهي قرض 22 هزار 134 ارب رپيا هو، جيڪو جون 2026ع تائين وڌي 24 هزار 201 ارب رپيا ٿي ويو.

سرڪاري انگن اکرن موجب 28 مهينن دوران وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ ٿيل هي تيز واڌ ملڪي معيشت ۽ قرضن جي بار بابت نوان سوال اٿاري رهي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں