پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير پنهنجي ويڳي ماءُ ۽ ساڻس تعلق بابت کلي ڳالهائيندي چيو آهي ته ضروري ناهي ته سڀئي ويڳيون مائرون خراب هجن.
هڪ پروگرام دوران ويڳي ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ بابت ڳالهائيندي نازش جهانگير ٻڌايو ته سندس حقيقي زندگي ۾ به هڪ ويڳي ماءُ آهي.
اداڪارا چيو ته معاشري ۾ ويڳي ماءُ بابت ڪيترائي قصا ۽ تصور موجود آهن، پر هر ويڳي ماءُ خراب ناهي هوندي.
نازش جهانگير موجب، سندس والده جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس والد ٻي شادي ڪئي، جڏهن ته سندس ويڳي ماءُ سڄي خاندان جو تمام سٺو خيال رکي ٿي ۽ سندس والد جي به سار سنڀال ڪري ٿي، تنهنڪري هوءَ اهو نٿي چئي سگهي ته ويڳيون مائرون خراب هونديون آهن.
هن ٻڌايو ته شروعات ۾ کيس اهو رشتو قبول ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو، پر سندس ويڳي ماءُ پنهنجي رويي سان کيس يقين ڏياريو ۽ سندس دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي.
نازش جهانگير چيو ته هڪ ڊرامي ۾ ويڳي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي کيس پنهنجي حقيقي زندگي سان به مشابهت محسوس ٿي. هوءَ پنهنجي ويڳي ماءُ کي فون ڪري چوندي هئي ته هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو ته هوءَ ڪهڙين حالتن مان گذري هوندي.