مريم نواز جي عظميٰ بخاري جي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ شرڪت، خوبصورت تصويرون وائرل

فہرستِ مضامین

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف، صوبائي وزير اطلاعات عظميٰ بخاري جي ڌيءَ جي شاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪري نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندڙ جوڙي کي مبارڪون ڏنيون. تقريب جون خوبصورت تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جتي مداح به نئين جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

عظميٰ بخاري جي ڌيءَ وديعت فاطمه جو نڪاح بيرسٽر سيد موسيٰ رضا سان آچر ڏينهن لاهور ۾ هڪ خانگي تقريب دوران ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز شريف سميت اهم سياسي ۽ سرڪاري شخصيتن شرڪت ڪئي.

عظميٰ بخاري پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جون تصويرون ۽ وڊيوز فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پاڻ به شيئر ڪيون.

تقريب دوران مريم نواز نئين جوڙي کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي عظميٰ بخاري مريم نواز شريف سان گهوٽ جو تعارف پڻ ڪرايو.

شاديءَ جي تقريب ۾ مريم نواز کانسواءِ پنجاب جو صوبائي صحت وارو وزير خواجا سلمان رفيق، پنجاب اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ظهير اقبال چنڙ، خاص معاون سلمىٰ بٽ ۽ پارلياماني سيڪريٽري شازيه رضوان سميت ٻيون سياسي ۽ سرڪاري شخصيتون پڻ شريڪ ٿيون.

عظميٰ بخاري جي ڌيءَ جي شاديءَ جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن، جڏهن ته صارفين طرفان نئين جوڙي لاءِ مبارڪن ۽ نيڪ خواهشن جو سلسلو جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں