عوام کان اربين رپيا فراڊ ذريعي اوڳاڙڻ جو الزام، جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب اسلام آباد ۽ راولپنڊي پاران ارٿ لنڪ ڊولپمينٽس خلاف جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي عوام سان مبينا فراڊ ذريعي اربين رپيا وصول ڪرڻ جي الزام هيٺ جوابدار محمد مبشر حيات کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب موجب جوابدار کي 2 نومبر 2026ع تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته احتساب عدالت وڌيڪ جاچ لاءِ سندس جسماني رمانڊ نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جاچ موجب ارتھ لنڪ ڊولپمينٽس جي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو آسرو ڏئي عوام کان وڏيون رقمون وصول ڪيون ويون. انهن منصوبن ۾ دي گرينڊ پيراڊائز، دي گرينڊ هوٽل، دي ليف، دي پيانو ۽ ارتھ لنڪ ٽاورز شامل آهن.

نيب موجب 2020ع کان 2025ع دوران سيڙپڪاري معاهدن ذريعي ماڻهن کان رقمون وصول ڪيون ويون، جڏهن ته متاثرن پاران 270 کان وڌيڪ دعوائون جمع ڪرايون ويون آهن، جن جي مجموعي ماليت لڳ ڀڳ 2 ارب 80 ڪروڙ رپيا آهي.

نيب وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ سندس ملڪيتون پڻ منجمد ڪيون ويون آهن.

اداري موجب مبينا طور هڙپ ڪيل رقم جو پتو لڳائڻ ۽ ڪيس ۾ ٻين ملوث ماڻهن جي نشاندهي لاءِ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں