ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ): عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه آئي ۽ گذريل سطح برقرار رهي. مقامي مارڪيٽ ۾ 24 ڪيريٽ سون جو في تولو اگهه 4 لک 61 هزار 936 رپيا برقرار آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز صرافه ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جي قيمت 3 لک 96 هزار 35 رپيا برقرار رکي وئي آهي. سون جي قيمتن ۾ موجوده استحڪام گذريل واڌ کانپوءِ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت 4 هزار 395 ڊالر في اونس جي سطح تي برقرار رهي. گذريل ڏينهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ کانپوءِ مقامي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو هو.
مقامي صرافه مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن في تولو سون جي قيمت ۾ 2 هزار رپين جو اضافو ٿيو هو، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 4 لک 61 هزار 936 رپيا مقرر ٿي هئي.
سون جي مقامي قيمتن جو دارومدار عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه، پاڪستاني رپئي جي قدر، ڊالر جي مٽاسٽا واري شرح ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ طلب ۽ رسد تي هوندو آهي. عالمي قيمت ۾ معمولي تبديلي به مقامي صرافه مارڪيٽ ۾ سون جي اگهن تي اثر وجهي سگهي ٿي.
واپاري حلقن موجب سون کي پاڪستان ۾ محفوظ سيڙپڪاري ۽ قدر برقرار رکڻ واري اثاثي طور ڏٺو وڃي ٿو، جنهن سبب عالمي معاشي ۽ جيوپوليٽيڪل صورتحال ۾ تبديليون پڻ ان جي قيمت تي اثرانداز ٿين ٿيون.