سکر (نمائندو) ڳوٺ نهال کوسو جي رھواسڻ درناز کوسو پنهنجي ڀائرن خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ۽ زمين تي قبضي توڙي تشدد جا الزام لڳايا.
درناز کوسو چيو ته سندس ڀائر شمن کوسو ۽ ممتاز کوسو سندس 7 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ويٺا آهن.
هن چيو ته سندن والد زمين ورهائي ڏني هئي، پر ڀائر پنهنجي حصي جون زمينون وڪرو ڪرڻ بعد هاڻي سندس حصي واري زمين تي قبضو ڪري ويٺا آهن.
درناز کوسو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس ڀائر سندس ڌيءَ ماهرا کي اسڪول وڃڻ کان به روڪين ٿا، جڏهن ته روزانو کيس ۽ سندس ڌيئرن کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.
هن الزام لڳايو ته معاملي بابت هو سائيٽ ايريا ٿاڻي تي پڻ ويا، پر پوليس مبينا طور جوابدارن کان پئسا وٺي ڪارروائي نٿي ڪري.
درناز کوسو اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.