لائیو سنڌ جي 13 ضلعن ۾ ضمني چونڊون ڪڏھن؟ اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي خالي پيل 39 سيٽن تي ضمني چونڊن جو اعلان ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جو شيڊول جاري ڪندي پولنگ لاءِ 22 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، ضمني مڪاني چونڊون سنڌ جي 13 ضلعن ۾ ٿينديون، جن ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، ٽنڊوالهيار، مٽياري، دادو، نوشهروفيروز، خيرپور، بدين، قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ شڪارپور شامل آهن.

جاري ڪيل شيڊول موجب، اميدوار 20 کان 22 آڪٽوبر تائين نامزدگي فارم جمع ڪرائي سگهندا، جڏهن ته 24 کان 28 آڪٽوبر تائين نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن 29 آڪٽوبر تي اميدوارن جي شروعاتي فهرست جاري ڪندي، جڏهن ته 7 کان 9 نومبر تائين اميدوار پنهنجا نامزدگي فارم واپس وٺي سگهندا. 10 نومبر تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن موجب، سنڌ جي 13 ضلعن ۾ 39 خالي مڪاني سيٽن تي 22 نومبر تي پولنگ ٿيندي، جڏهن ته ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ يونين ڪائونسل 8 ڪلري شاهه بيگ لين جي وائيس چيئرمين جي خالي سيٽ تي ضمني چونڊ 8 نومبر تي ٿيندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں