حافظ آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پنجاب جي ضلعي حافظ آباد ۾ زمين جي تڪرار تان افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي ٻن پٽن مبينا طور ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي پيءُ سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واردات کان پوءِ ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، واقعو حافظ آباد جي علائقي ڪولو تارڙ ۾ پيش آيو، جتي پيءُ ۽ پٽن وچ ۾ زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو. مبينا طور ٻنهي پٽن ڪهاڙين سان حملو ڪري پيءُ ۽ هڪ ٻئي شخص کي قتل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. پوليس اميد ظاهر ڪئي آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.