ديپيڪا پڊوڪون ٻي ڌيءَ جو نالو ٻڌائي ڇڏيو، تصوير بہ شيئر ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

بالي ووڊ جي مشهور جوڙي ديپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه پنهنجي ٻي ڌيءَ کي به مداحن سان متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. مذهبي تهوار جي موقعي تي جوڙي سوشل ميڊيا تي ڌيءَ جو نالو ۽ خانداني تصوير شيئر ڪئي، جنهن کانپوءِ مداحن ۽ شوبز شخصيتن طرفان مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو.

ديپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه پنهنجي ٻي ڌيءَ جو نالو ”ديوي پڊوڪون سنگهه“ رکيو آهي.

جوڙي طرفان پنهنجي ٻي ڌيءَ جي پيدائش کي ميڊيا جي نظرن کان پري رکيو ويو هو، پر هاڻي مذهبي تهوار جي موقعي تي انسٽاگرام ذريعي مداحن کي ڌيءَ جو نالو ٻڌايو ويو.

ديپيڪا پڊوڪون خانداني تصوير به شيئر ڪئي، جنهن ۾ سڄي خاندان کي گولڊن رنگ جا لباس پهريل نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته اداڪاره پنهنجي نومولود ڌيءَ کي هنج ۾ کنيو بيٺي آهي.

تصوير ۽ نالي جي پوسٽ سامهون اچڻ کانپوءِ بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن ۽ مداحن طرفان ديپيڪا ۽ رنوير کي مبارڪن جو سلسلو جاري آهي.

واضح رهي ته جوڙي جي وڏي ڌيءَ جو نالو دعا پڊوڪون سنگهه آهي، جڏهن ته ديپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه 2018ع ۾ شادي ڪئي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں