ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستاني گلوڪار حسن رحيم جي ڪراچي ۾ ٿيل ڪنسرٽ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ صارفين طرفان مختلف ردعمل سامهون اچي رھيا آهن. وڊيو ۾ هڪ ڇوڪري کي هڪ نوجوان جي ڪلهن تي ويهي حسن رحيم جي پرفارمنس موبائل فون ذريعي رڪارڊ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن تي ڪيترن ئي سوشل ميڊيا صارفين تنقيد ڪئي آهي.
مشهور پاڪستاني گلوڪار حسن رحيم تازو ڪراچي ۾ هڪ ميوزڪ ايونٽ ۾ پرفارم ڪيو، جتي وڏي انگ ۾ مداح سندس پرفارمنس ڏسڻ لاءِ موجود هئا.
ڪنسرٽ دوران رڪارڊ ٿيل هڪ وڊيو هاڻي سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رھي آهي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري کي هڪ نوجوان جي ڪلهن تي ويٺل ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته هوءَ موبائل فون ذريعي حسن رحيم جي پرفارمنس رڪارڊ ڪري رهي آهي.
وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان ڇوڪري جي انداز تي مختلف ردعمل ڏنا ويا. ڪيترن ئي صارفين ڪنسرٽس دوران نوجوانن جي اهڙي رويي تي سوال اٿاريا، جڏهن ته ڪجهه صارفين جو چوڻ هو ته اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي توجه حاصل ڪرڻ لاءِ شيئر ڪيون وڃن ٿيون.
سوشل ميڊيا تي هن وڊيو بابت بحث جاري آهي، جڏهن ته حسن رحيم يا ڪنسرٽ جي انتظاميا طرفان ان معاملي تي ڪنهن خاص ردعمل جي ڄاڻ سامهون ناهي آئي.