لائیو جمشيد دستي جي ضمانت ۾ 4 نومبر تائين واڌ، سمورن ڪيسن جو رڪارڊ طلب

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جعلي ڊگري جي معاملي ۾ فوجداري ڪارروائي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي جمشيد دستي جي ضمانت ۾ 4 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ سمورن صوبن کان سندس خلاف داخل ڪيسن جو رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو.

جسٽس ملڪ شهزاد احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻن رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته جائزو ورتو ويندو ته ڇا هي ڪيس ٻن رڪني بينچ ٻڌي سگهي ٿي يا نه.

عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں