تبو کي قومي ايوارڊ ملڻ تي حسد ٿيو هو، سونالي ڪلڪرني جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

ڀارتي اداڪارا سونالي ڪلڪرني پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن جو هڪ دلچسپ راز ظاهر ڪري ڇڏيو، چوي ٿي ته 1997ع ۾ تبو کي قومي فلم ايوارڊ ملڻ تي کيس شديد حسد ٿيو هو. سونالي موجب، تبو سان ٿيل هڪ ملاقات کانپوءِ کيس احساس ٿيو ته وڏن فنڪارن سان مقابلي يا حسد بدران پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

هڪ تازي انٽرويو ۾ سونالي ڪلڪرني انڪشاف ڪيو ته 1997ع ۾ تبو کي فلم ’ماچس‘ تي بهترين اداڪارا جو قومي فلم ايوارڊ ملڻ تي کيس شديد حسد محسوس ٿيو هو.

سونالي موجب، هوءَ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي قومي ايوارڊ حاصل ڪرڻ چاهيندي هئي ۽ انهيءَ خواهش سبب تبو جون فلمون ڏسندي هئي.

اداڪارا ٻڌايو ته فلم ’مشن ڪشمير‘ جي شوٽنگ دوران ممبئي جي فلم سٽي ۾ هوءَ تبو سان ملاقات جي انتظار ۾ رهي.

سونالي چيو ته ملاقات دوران هن تبو جي تعريف ڪئي، جنهن تي تبو تحمل سان سندس ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ شڪريو ادا ڪيو.

سونالي موجب، ان ملاقات کيس احساس ڏياريو ته وڏا فنڪار به عام انسانن وانگر هوندا آهن، نامور فنڪارن سان حسد ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي ۽ ڪنهن کي ڪڏهن ايوارڊ ملندو، اهو فنڪارن جي هٿ ۾ نه هوندو، پر سندن ڪارڪردگي تي دارومدار رکندو آهي.

سونالي ايشوريا راءِ سان لاڳاپيل هڪ واقعو به ٻڌايو، جنهن ۾ هن ايشوريا جي لباس جي تعريف ڪئي ته خبر پئي ته اهو لباس پاڻ ايشوريا تيار ڪيو هو.

واضح رهي ته سونالي ڪلڪرني کي 2002ع ۾ مختصر مراٺي فلم ’چيترا‘ ۾ اداڪاري تي قومي فلم ايوارڊ جو خصوصي اعزاز ملي چڪو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سونالي ڪلڪرني جي نئين فلم ’دي پيراڊائز‘ 24 سيپٽمبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں