اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير وارو معاملو اليڪشن ڪميشن تائين پهچي ويو، جنهن کانپوءِ ڪميشن اهم حڪم جاري ڪندي وفاقي گادي واري شهر ۾ مڪاني چونڊون مڪاني حڪومتن واري 2015ع جي قانون تحت ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اليڪشن شيڊول به جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير بابت ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ پنج رڪني اليڪشن ڪميشن ڪئي.