لائیو چين ۾ شادين جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي، نوجوان شادي ڪرڻ کان ڇو پيا لنوائين؟

فہرستِ مضامین

چين ۾ شادي ڪندڙ جوڙن جي انگ ۾ رڪارڊ گهٽتائي سامهون اچي وئي آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ ٻارن جي پيدائش جي شرح وڌيڪ گهٽجڻ جا خدشا وڌي ويا آهن.

رپورٽ موجب، چين جي شهري معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق هلندڙ سال جي پهرين 9 مهينن دوران صرف 46 لک 50 هزار جوڙن شاديون رجسٽر ڪرايون.

رپورٽ موجب، گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ شادين جي انگ ۾ 9.8 سيڪڙو، يعني لڳ ڀڳ 5 لک 4 هزار جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اهو انگ گذريل 18 سالن دوران شادين جي گهٽ ترين سطح آهي. گذريل سال شادين جي شرح ۾ معمولي واڌ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان گهٽتائي ٿي آهي.

ان ئي عرصي دوران 20 لک 80 هزار جوڙن طلاق لاءِ درخواستون پڻ جمع ڪرايون.

پيدائش جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو خدشو

رپورٽ موجب، چين ۾ شادين جي انگ ۾ مسلسل گهٽتائي مستقبل ۾ ٻارن جي پيدائش جي شرح کي وڌيڪ متاثر ڪري سگهي ٿي.

چين اڳ ئي آبادي ۾ مسلسل گهٽتائي، پوڙهن ماڻهن جي وڌندڙ انگ، پورهيت قوت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي دٻاءَ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

چيني حڪومت ٻارن جي پرورش لاءِ مالي مدد، ٽيڪس ۾ ڇوٽ ۽ شادي توڙي خانداني زندگي جي حوصلا افزائي لاءِ مختلف قدم کنيا آهن، پر انهن ڪوششن باوجود شادين جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں