ڀارتي شهر ممبئي سان تعلق رکندڙ جينيا چيٽرجِي 60 ڏينهن تائين ننڊ جي هڪ منفرد مقابلي ۾ حصو وٺي 9 لک 63 هزار 400 ڀارتي رپيا، يعني پاڪستاني 28 لک 26 هزار رپين کان وڌيڪ انعام ۽ مفت سياحتي دورو کٽي ورتو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب، گهريلو شيون ٺاهيندڙ ڪمپني ’وِيڪ فِٽ‘ پاران ٻن مهينن تي ٻڌل هن مقابلي ۾ سڄي ڀارت مان 2 لک کان وڌيڪ ماڻهن درخواستون جمع ڪرايون، پر مختلف مرحلن ۽ انٽرويوز کانپوءِ صرف 10 اميدوارن کي چونڊيو ويو.
مقابلي ۾ شامل ماڻهن کي باقاعدگي سان سمهڻ، ننڊ جو مقرر معمول برقرار رکڻ ۽ هر هفتي دلچسپ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي روزاني ڪارڪردگي جي بنياد تي نمبر ڏنا ويندا هئا ۽ انهن جي رينڪنگ ڪئي ويندي هئي.
مقابلي دوران شرڪت ڪندڙن کي فلمن جي مشهور منظرن کي ننڊ جي انداز ۾ ٻيهر پيش ڪرڻ، هڪ هفتي جي ننڊ جي عادتن جو جائزو وٺڻ ۽ گفتگو دوران ڪنهن کي ٻڌائڻ کانسواءِ 10 ڀيرا ’ڪمبل‘ يا ’تڪيو‘ جا لفظ استعمال ڪرڻ جهڙا دلچسپ چئلينج پڻ ڏنا ويا.
بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اميدوار کي هفتي جو بهترين ننڊ ڪندڙ قرار ڏنو ويندو هو.
مقابلي جي فائنل ۾ اميدوارن کي ٻن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته آخري مرحلي ۾ سڀني اميدوارن پنهنجي پسند موجب تيار ڪيل ماحول ۾ هڪ رات گذاري ۽ ننڊ جي اسڪور جي بنياد تي فاتح جو انتخاب ڪيو ويو.
اهڙيءَ ريت جينيا چيٽرجِي ڀارت جي ننڊ جي چيمپيئن بڻجي وئي، جنهن کي نقد انعام سان گڏ ڪمپني پاران سياحتي دوري جو ٽڪيٽ پڻ ڏنو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب، اهو مقابلو پهريون ڀيرو 2019ع ۾ شروع ڪيو ويو هو. شروعاتي چئن سيزنز ۾ 10 لک کان وڌيڪ درخواستون مليون، جڏهن ته 65 شرڪت ڪندڙن کي هڪ هڪ لک ڀارتي رپيا انعام طور ڏنا ويا.