آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ ۾ مونجھارن جو شڪار آھي، سندس منجھيل ڳالھين توڙي ڌمڪين سبب آمريڪي بہ پريشاني جو شڪار آھن. هڪ پاسي ايران آهي ته ٻئي پاسي اسرائيل ۽ آمريڪا، جنگ جو 14هون ڏينهن آهي ۽ ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن طرفان جنگ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. آمريڪي صدر […]
...لائيو ڪوريج
لائیو ڏسندا رھو، اڄ انهن سان ڇا ٿيندو، ٽرمپ جي تهران کي نئين ڌمڪي: اچو تيار آھيون، قيمت ادا ڪرڻي پوندئو: ايران جو جواب
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ ۾ مونجھارن جو شڪار آھي، سندس منجھيل ڳالھين توڙي ڌمڪين سبب آمريڪي بہ پريشاني جو شڪار آھن.
هڪ پاسي ايران آهي ته ٻئي پاسي اسرائيل ۽ آمريڪا، جنگ جو 14هون ڏينهن آهي ۽ ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن طرفان جنگ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تهران خلاف نئين ڌمڪي ڏني آهي۔
ٽرمپ پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي تہ“اڄ انهن سان جيڪو ٿيڻ وارو آهي، اهو ڏسو”
هن وڌيڪ چيو ته “ايراني بحريه ختم ٿي چڪي آهي، ان جي فضائيه هاڻي موجود ناهي، ميزائل، ڊرون ۽ باقي سڀ ڪجهه تباهه ڪيو ويو آهي ۽ انهن جا اڳواڻ ڌرتيءَ تان مٽايا ويا آهن.”
آمريڪي صدر وڌيڪ لکيو تہ هو 47 سالن کان سڄي دنيا ۾ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي مان آمريڪا جي 47هين صدر جي حيثيت سان انهن کي ختم ڪري رهيو آهيان.”
ٽرمپ پنهنجي اڳوڻي بيان ۾ به اها ڳالهه ورجائي چڪو هو ته سندس ملڪ ايران کي لڳ ڀڳ مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي ميزائلن، ڊرونز سان گڏوگڏ بحري ٻيڙي کي به تباهه ڪيو ويو آهي۔
تيار آھيون، قيمت ادا ڪرڻي پوندئو: ايران
ٻئي پاسي ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي چيئرمين علي لاريجاني اسرائيل ۽ آمريڪا ٻنهي کي ان جي قيمت چڪائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي۔
هن ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪندي لکيو تہ ٽرمپ ٻيهر چوڻ شروع ڪيو آهي ته اسان کي هي جنگ جلد کٽڻي آهيپر جنگون شروع ڪرڻ آسان هونديون آهن، انهن جو خاتمو چند ٽوئيٽن سان نٿو ٿئي.”
هن وڌيڪ چيو تہاسان توهان کي ان وقت تائين نه ڇڏينداسين جيستائين توھان پنهنجي غلطي جو اعتراف نه ڪندا ۽ ان جي قيمت ادا نه ڪندا.”
واضح رهي ته ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ اي گذريل خميس پنهنجي پهرين پيغام ۾ جنگ جاري رکڻ، ملڪ ۾ ٿيندڙ هلاڪتن جو “پلاند ۽ قصاص” وٺڻ ۽ “دشمن کي قيمت چڪائڻ” تي مجبور ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو۔
هن اهم سامونڊي رستي آبنائي هرمز کي مسلسل بند رکڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي آهي، جڏهن ته ايراني بحريه اعلان ڪيو آهي ته هو “سپريم ليڊر جي حڪمن” تي عمل ڪندي آبنائي جي بندش برقرار رکندي۔
گذريل مهيني 28 فيبروري کان وٺي، جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا ايران خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، تڏهن کان ٻنهي ملڪن ايران جي اندر سوين فضائي حملا ڪيا آهن۔
گڏيل حملن جي نتيجي ۾ خاص طور تي جنگ جي پهرين ڏينهن، ڪيترائي سينيئر ايراني اڳواڻ
شھيد ٿيا۔ جن ۾ اڳوڻو سپريم ليڊر علي خامنہ اي، وزير دفاع ۽ پاسداران انقلاب جا ڪمانڊر پڻ شامل هئا۔
لائیو تهران ڌماڪن سان گونجي اُٿيو: الجليل ۾ 58 اسرائيلي زخمي
ايران جي اسرائيل ۽ آمريڪا سان جاري جنگ 14هين ڏينهن ۾ داخل ٿيڻ سان ئي ايراني گاديءَ واري شهر تهران ڌماڪن سان گونجي اُٿيو.
ايراني نيوز ايجنسي “تسنيم” موجب اڄ جمعي ڏينهن تهران جي ڪيترن علائقن ۾ گذريل ڪلاڪن دوران شديد ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا۔ ايجنسي ٻڌايو ته سڀ کان طاقتور ڌماڪا ڏکڻ تهران ۾ ٿيا۔ جڏهن ته “فارس” نيوز ايجنسي موجب ڌماڪا ايترا تہ شديد ھئا جو گھر ڌڏندا رھيا.
ٻئي پاسي اسرائيل اعلان ڪيو ته ايران تي ميزائلن جو نئون حملو ڪيو آهي۔ اسرائيلي فوج ٽيليگرام تي بيان جاري ڪندي چيو ته “هن ايران کان اسرائيل ڏانهن فائر ڪيل ميزائلن کي انٽرسيپ ڪيو آھي، دفاعي نظام خطري کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي، جڏھن تہ ايران دعويٰ ڪئي آھي تہ ميزائل حملن سبب اسرائيل ۾ وڏي تباھي ٿي آھي.

حذب اللہ جي اعلان بعد اسرائيل ۾ ٿرٿلو
ان دوران اسرائيلي ايمبولينس سروس اتر اسرائيل جي علائقي الجليل جي هڪ ڳوٺ ۾ ميزائل ڪرڻ سبب 58 ماڻهن جي معمولي زخمي ٿيڻ جي خبر ڏني ، جڏھن تہ حزب الله هن کان اڳ اعلان ڪيو هو ته هن اسرائيل ڏانهن ميزائيلن جي نئين لھر موڪلي آھي.
ياد رهي ته جنگ ٽئين هفتي ۾ داخل ٿيڻ سان ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي اڳواڻن پنهنجي تازي بيانن ۾ وچ اوڀر ۾ جنگ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي۔
هن جنگ لکين ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪيو آهي ۽ مالي منڊين کي به غير مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي۔
ايراني سپريم ليڊر جو عزم

گذريل ڏينهن سرڪاري ٽي وي تي پڙهيل پنهنجي پهرين بيان ۾ ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ اي جنگ جاري رکڻ ۽ آبنائي هرمز بند رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو۔
ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو زور ڏنو ته سندس ملڪ “ايراني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ بهترين حالتون پيدا ڪري رهيو آهي”، پر هن اشارو ڏنو ته هو يقين سان نٿو چئي سگهي ته ايراني عوام حڪومت جو تختو اونڌو ڪندا، ڇو ته حڪومت اندر کان ئي اونڌي ٿيندي آهي، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته اسرائيل مدد فراهم ڪري رهيو آهي۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ زور ڀريو ته سندس ملڪ ايران کي لڳ ڀڳ تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي رهيل حدفن کي جلد ختم ڪيو ويندو.
اسرائيل جو فضائي آپريشن بحال ڪرڻ جو اعلان
اسرائيل جو مرڪزي عالمي هوائي اڏو، تل ابيب ڀرسان واقع بين گوريان ايئرپورٽ، اعلان ڪيو آهي ته اسرائيلي فضائي حدون اربع ۽ خميس جي وچ واري رات کان آهستي آهستي ٻيهر کوليون وينديون۔ پهرئين مرحلي ۾ هر ڪلاڪ رڳو هڪ مسافر اڏام جي اجازت هوندي۔
ايئرپورٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب ٻئي مرحلي ۾ هر ڪلاڪ ٻن مسافر اڏامن جي اجازت ڏني ويندي، پر ان بابت ڪو مخصوص وقت نٿو ٻڌايو ويو۔
ياد رهي ته اسرائيل جي فضائي حدون ڇنڇر ڏينهن آمريڪا-اسرائيل جي ايران تي هوائي حملن جي شروعات سان بند ڪيون ويون هيون۔
اسرائيلي فوج جو لبنان جي ڏاکڻي شهر صيدا تي حملو
الجزيره عربي موجب اطلاع مليا آهن ته اسرائيلي هوائي حملي لبنان جي ڏاکڻي شهر صيدا کي نشانو بڻايو ويو آهي۔
اسرائيلي فوج بيان جاري ڪندي چيو آهي ته هن لبنان ۾ موجود هڪ ميزائل لانچ سائيٽ تي حملو ڪيو، جيڪا گولان هائيٽس ڏانهن راڪيٽن جي برسات ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي هئي۔
اسرائيل ۽ آمريڪا جون دعوائون ڌوڙ؟ ايران ۾ ايٽمي ھٿيار ٺاھڻ جا ثبوت نہ مليا
گڏيل قومن جي ايٽمي پروگرامن جي نگراني ڪندڙ اداري آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي چيو آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي دعوائن باوجود، جاچ ڪندڙ ٽيم کي ايران ۾ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ڪنهن منظم پروگرام جا ثبوت نه مليا آهن.
رافيل گروسي ٻڌايو ته ايجنسي ايران ۾ ”ايٽمي هٿيارن جي تياري لاءِ ڪنهن باقاعده ۽ منظم پروگرام“ جي عنصرن جي سڃاڻپ نه ڪئي آهي۔
هن تصديق ڪئي ته تهران يورينيم کي 60 سيڪڙو پاڪيزگي تائين افزودہ ڪري چڪو آهي، جيڪا عام شهري ضرورتن کان گهڻو وڌيڪ آهي.
وزيراعظم سان پ پ وفد جي ملاقات، خدشن بابت آگاھي
وزيراعظم شھباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ملاقات ڪري اھم قانونسازي بابت پنھنجي خدشن کان آگاھ ڪري ڇڏيو آھي .
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شھباز شريف سان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي، جنھن دوران اھم مامرن تي ڳالھيون ڪيون ويون.
ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ خطي جي ۽ پارليامينٽ ۾ قانونسازي سان لاڳاپيل معاملن تي بہ غور ڪيو ويو۔
ذريعن موجب پ پ وفد وزيراعظم کي قانونسازي بابت پنھنجي خدشن کان آگاھ ڪيو، جنھن تي وزيراعظم حڪومتي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي تہ قانونسازي بابت اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي۔
وزيراعظم پيپلزپارٽي کي اھم اتحادي جماعت قرار ڏيندي چيو تہ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي اھم فيصلن ۾ پيپلزپارٽي حڪومت جو ھر قدم تي ساٿ ڏنو، جنھن تي ھو ٿورائتو آھي.ملاقات دوران حڪومتي وفد ۾ اسحاق ڊار، احسن اقبال ۽ اعظم نذير تارڙ شامل هئا، جڏھن تہ پيپلز پارٽي جي وفد ۾ شيري رحمان، نويد قمر، راجا پرويز اشرف ۽ اعجاز جکراڻي شامل هئا.