آمريڪا ايران جي اصولن کي سمجھي ويو آھي : ايراني اسپيڪر جو بيان

فہرستِ مضامین

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ آمريڪا سان ڳالهين ڪندڙ ٽيم جي سربراهہ محمد باقر قالیباف چيو آهي تہ آمريڪا ايران جي منطق ۽ اصولن کي سمجهي ويو آهي۔

آمريڪا سان ڳالهين جي خاتمي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ايراني وفد جي سربراهہ محمد باقر قاليباف چيو تہ ڳالهين جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪوششن تي پاڪستان جا ٿورائتا آھيون

هن چيو تہ ڳالهين کان اڳ مون زور ڏنو هو تہ اسان وٽ نيڪ نيتي ۽ پڪو ارادو آهي، پر گذريل ٻن جنگين جي تجربن سبب اسان کي مخالف ڌر تي ڪو بہ ڀروسو ناهي۔

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو تہ ڳالهين دوران ايراني وفد مستقبل بابت قدم کنيا، پر مخالف ڌر هن مرحلي تي ايراني وفد جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رھي۔

هن وڌيڪ چيو تہ آمريڪا ايران جي منطق ۽ اصولن کي سمجهي ويو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ هو فيصلو ڪن تہ ڇا اهي اسان جو اعتماد حاصل ڪري سگهن ٿا يا نہ۔

باقر قاليباف لکيو تہ ايراني قوم جي حقن جي حفاظت لاءِ فوجي جدوجهد سان گڏ سفارتڪاري کي ٻيو طريقو سمجهون ٿا۔

ايران 90 ملين آبادي وارو ملڪ آهي، سپريم ليڊر جي حڪم تي گهٽين ۾ نڪرندڙ بهادر ايراني عوام جا ٿورا مڃون ٿا ۽ ايران جي 40 ڏينهن واري قومي دفاع جي ڪاميابين کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں