اين ايف سي خيرات نہ پر حق آھي، آزاد ڪشمير ۽ جي بي کي فنڊز ملڻ گھرجن: نواز شريف

فہرستِ مضامین

لاھور: مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آھي تہ اين ايف سي ايوارڊ خيرات نہ پر حق آھي، وزيراعظم کي چوندس تہ جي گلگت بلتستان  ۽ آزاد ڪشمير کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ڏنا وڃن.

لاهور ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي پارٽي اڳواڻن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو تہ چونڊ ٽڪيٽن جي ورڇ لاءِ ميرٽ تمام ضروري آهي، ميرٽ هميشہ ميرٽ کي ترجيح ڏني آھي ۽ هن فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪنهن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪئي ويندي.

هن چيو تہ اسان جو پارلياماني بورڊ سڀني اميدوارن کي ٻڌڻ کانپوءِ ٽڪيٽ جو فيصلو ڪندو آھي ۽ اسان جو هميشہ دستور رھيو آهي تہ پارٽي ٽڪيٽ ميرٽ جي بنياد تي ڏني وڃي، عام چونڊون هجن يا ڪنهن صوبي جون ڪڏھن بہ ميرٽ تي سوديبازي ناھي ڪئي.

ھن چيو تہ هر اميدوار کي ٻڌو ويندو ۽ ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو، پارٽي جي اصولن تي ڪا بہ سوديبازي نہ ڪئي ويندي، ڪيترائي ماڻهو ٽڪيٽ لاءِ ايندا، پر اسان کي سڃاڻپ رکڻي پوندي تہ ڪير پنهنجو آهي ۽ ڪير پرائو، اميدوارن جي کٽڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

نواز شريف جو چوڻ هو تہ اسان صوبن ۾ جيڪا سيڙپڪاري ڪئي آهي، ان جي مقابلي ۾ اين ايف سي ايوارڊ بہ پٺتي رھجي ويندو، صوبن جي مطالبي بدران اين ايف سي ايوارڊ بابت وفاقي حڪومت کي پاڻ قدم کڻڻ گهرجي، اين ايف سي ايوارڊ مان جيترا پيسا ملندا، ان کان گهڻو وڌيڪ تہ اسان اڳ ۾ ئي خرچ ڪري چڪا آهيون.

هن چيو تہ تہ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ وفاق پيسا ڏئي بہ تہ اھي صحيح طريقي سان خرچ نٿا ٿين، اين ايف سي ايوارڊ جي پيسن جي استعمال جو طريقيڪار بہ هئڻ گهرجي، اين ايف سي خيرات نہ پر حق آهي.

هن چيو تہ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ملڻ گهرجن، وزيراعظم کي چوندس تہ جي بي ۽ آزاد ڪشمير کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ڏنا وڃن.

نواز شريف چيو تہ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ عوامي راءِ بهتر ٿي لڳي ، ھوا سٺي آهي، ان ڪري چونڊن جو نتيجو بہ سٺو اچڻ گهرجي، ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي، قبضا مافيا ۽ حددخلين جو خاتمو ڪيو پيو وڃي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں