ڪراچي: ڀارت روزگار لاءِ ويندڙ 11 پاڪستاني مھاڻن کي گرفتار ڪري ٻيڙي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي.
ترجمان ڪوسٽل ميڊيا سينٽر ڪمال شاھ تصديق ڪئي آھي تہ ڀارت روزگار لاءِ ويندڙ 11 مھاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي
ڪوسٽل ميڊيا سينٽر جي ترجمان ٻڌايو تہ گرفتار ٿيل سمورن مھاڻن جو تعلق ابراھيم حيدري سان آھي.
ڪمال شاھ ٻڌايو تہ گرفتار ٿيل مھاڻن جو تعلق ھڪ ئي خاندان سان آھي ۽ سمورا مھاڻا روزگار جي تلاش ۾ سمنڊ ۾ ويا ھئا.
ڪمال شاھ موجب گرفتاري بعد مھاڻن جي گھر ڀاتين ۽ لاڳاپيل ادارن کي صورتحال کان آگاھ ڪيو ويو آھي، پر ڀارت پاران اڃا تائين انھن جي آزادي يا قانوني ڪارروائي بابت ڪي بہ تفصيل فراھم ناھن ڪيا.
ترجمان وڌيڪ چيو آھي تہ پاڪستاني مھاڻن جي گرفتاري جو ھي سلسلو ڳڻتي جوڳو آھي ۽ لاڳاپيل اختيارن کي ان معاملي تي سفارتي سطح تي آواز اٿارڻ گھرجي تہ جئين اھڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگھي….