وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ دهشتگردي جو نئون خطرو افغانستان طرفان وڌي رھيو آهي، عالمي برادري افغان حڪومت تي پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ زور وجهي.
ترڪمانستان جي شهر اشڪ آباد ۾ عالمي امن فورم کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو تہ 2025ع کي عالمي امن جو سال قرار ڏيڻ سٺو سنوڻ آھي.
هن چيو تہ پاڪستان عالمي امن لاءِ سرگرم ۽ اهم ڪردار ادا ڪري رھيو آهي، تڪرارن جو پرامن حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنب آھي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ پاڪستان جي حمايت سان غزہ ۾ امن جو منصوبو منظور ٿيو، جنگ بندي جي لاءِ ڪيل سھڪار تي سعودي عرب، قطر، ترڪيہ، گڏيل عرب امارات، اردن ۽ ايران جا شڪر گذار آهيون۔
وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ غزہ ۾ امن لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري آهن، وچ اوڀر ۾ ڊگھي مدي لاءِ جنگبندي ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراھمي جي وڏي ضرورت آھي.
شهباز شريف جو چوڻ ھو تہ جٽادار امن ۽ ترقي هڪ ٻئي سان جـُڙيل آهن، جديد ۽ ترقي يافتہ ٽيڪنالاجيز تائين منصفاڻي پھچ لازمي آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو تہ دنيا جي ڪيترن ملڪن کي موسمياتي تبديلين سبب خطرا درپيش آهن، فورم کي صرف بحثن تائين نہ رکيو وڃي پر ان کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي۔