بلاول ھائوس ڪراچي جي ملازمن تي زمينن تي قبضا ۽ ٻيا سنگين الزام ھنيا ويا آھن، عمر ڪوٽ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي پيپلز پارٽي قيادت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
ڳوٺاڻن يوسف نهڙي، غلام رسول راهمون، اسلم کاڙت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھري دوران نعريبازي ڪئي.
مظاھرين الزام ھنيو تہ بلاول هائوس ڪراچي جا ملازم سڏائيندڙ شڪر الدين نهڙي ۽ منٺار راهمون زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن، احتجاج ڪرڻ تي کين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ملي رھيون آھن.
ھوڏانھن ڊبليو ٽي اين الزام ھيٺ آيل ملازمن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندن موقف سامھون نہ اچي سگھيو آھي