ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري ) صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آھي تہ ڪراچي ۾ صنعتڪارن ۽ واپارين کي ڀتي جون پرچيون موڪليندڙن جو نيٽورڪ ايران مان آپريٽ ٿي رھيو آھي، جنھن جا سربراھہ سميع اللھ لاکو ۽ صمد ڪاٺياواڙ آھن، کين اتان گرفتار ڪري ڪراچي آڻڻ لاءِ ايران سرڪار سان رابطو ڪيو ويندو.
ڪراچي پوليس آفيس ۾ آءِ سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو تھ ہ ڪراچي ۾ ڀتي جون پرچيون موڪلڻ وارو انتهائي سنجيدہ مسئلو آهي
ھن چيو تہ ڪراچي ۾ ڀتي جون ڌمڪيون ملڻ وارو مسئلو سچ آهي، پوليس ڪارروائي ڪندي چئن ڀتاخورن کي مقابلي ۾ ماريو آهي، سندس چوڻ ھو تہ جن ڀتا خورن واپارين کي ڀتي جون پرچيون اماڻيون اھي سميع لاکو ۽ صمد ڪاٺياواڙي گروپ ايران مان آپريٽ ڪري رھيا آھن، کين اتان گرفتار ڪري ڪراچي آڻڻ لاءِ ايران سرڪار سان رابطو ڪيو ويندو.
ھٿيار ڦٽا ڪرڻ واري پاليسي
صوبائي گھرو وزير سنڌ ڪابينا مان منظور ڪيل ڌاڙيلن کي ھٿيار ڦٽا ڪرائڻ واري پاليسي بابت ٻڌايو تہ ھٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن کي عام معافي نہ پيا ڏيو پر انھن کي قانون موجب ڪورٽن ۾ ڪيسن کي منھن ڏيڻو پوندو، ڌاڙيلن جي اولاد ڏوھ ناھي ڪيو انھن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ڪچي جي علائقن ۾ صحت، تعليم ۽ روڊ انفرا اسٽرڪچر جا منصوبا شروع ڪيا ويندا.
صوبائي گھرو وزير چيو تہ پنجاب جي حدن ۾ 8 ڪلاڪن تائين موٽروي بند ڪري ڦرلٽ ڪئي وئي پر ميڊيا اھا خبر نہ ڏني تہ اھو واقعو پنجاب جي حدن ۾ پيش آيو آھي، سندس چوڻ ھو تہ سنڌ جي حدن ۾ موٽروي محفوظ آھن، پنجاب ۾ گاڏيون قافلن جي صورت ۾ ھلنديون آھن .
گھرو وزير افغانين جي واپسي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو تہ اڪثريت افغانين پاڪستانين سان شاديون ڪيون آھن ان ڪري انھن جي واپسي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن، افغانين کي واپس ڏيھہ موڪلڻ واري مھم ٿڌي ٿي وئي آھي ان کي تيز ڪيو ويندو.
آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس چيف
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ ھو تہ ھلندڙ ٽن مھينن دوران ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪيسن جو انگ سنگل ڊجيٽ ۾ آھي، ھن وقت رڳو 3 کان چار ماڻھو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھن.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جو چوڻ ھو تہ ھلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 28 سيڪڙو، موبائل ڦر جي وارداتن ۾ 15 سيڪڙو ۽ موٽرسائيڪل ڦر جي واقعن ۾ 8 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آھي، جنھن جو ڪريڊيٽ پوليس ڏانھن وڃي ٿو.