وزيراعظم شھباز شريف پيپلز پارٽي ۽ نوازليگ وچ ۾ وڌندڙ اختلافن جو نوٽيس وٺندي پارٽي جي سيئيئر قيادت کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو آھي.
وزيراعظم شھباز شريف پيپلز پارٽي ۽ نوازليگ وچ ۾ وڌندڙ اختلافن جو نوٽيس وٺندي پارٽي جي سيئيئر قيادت کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو آھي.
ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري معاملي جو نوٽيس وٺندي وفاقي گھرو وزير محسن نقوي کي معاملي کي ٺارڻ ۽ مسئلي کي اعليٰ فورم تي اٿارڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي.
محسن نقوي اڄ وزيراعظم شھباز شريف سان ملاقات ڪري صدر آصف علي زرداري جو پيغام پھچائيندو ۽ پيپلز پارٽي جي خدشن کان آگاھ ڪندو.
ذريعن موجب وزيراعظم شھباز شريف ملائشيا کان وطن واپس پھچندي ئي معاملي تي بريفنگ ورتي ۽ نوازليگ جي سينئير اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو آھي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد وزيراعظم ٻنھي پارٽين سان جاري ڇڪتاڻ واري معاملي تي ڳالھيون ڪندو ۽ محسن نقوي سان ڌار نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ وزيراعظم شھباز شريف جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد اڄ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سان رابطي جو پڻ امڪان آھي، پ پ نوازليگ جي بيانن تي خدشن جو اظھار ڪندي مريم نواز کان معافي جو مطالبو پڻ ڪيو آھي، جڏھن تہ نوازليگ ان مطالبي کي غيرضروري قرار ڏئي رھي آھي.
گذريل ڏينھن وفاقي گھرو وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ھئي، جنھن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ سنڌ پنجاب حڪومتن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي بہ ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ھئي.
صدر مملڪت گھرو وزير کي موجودھ سياسي صورتحال ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي ۽ اتحادي پارٽين وچ ۾ رابطا کي موثر بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ھو.
ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ نوازليگ وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳالھين جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ھو جنھن ۾ سنڌ ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي.
ٻئي پاسي سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ 6 آڪٽوبر تي پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ھئي تہ پنجاب حڪومت جو پيپلز پارٽي جي اوٽ ۾ اصل ھدف وزيراعظم آھي، پنجاب حڪومت چاھي ٿي پ پ وفاق سان اتحاد ختم ڪري ڇڏي، پر اھڙي سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 25 سيپٽمبر تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ھو تہ خبر ناھي ڇو پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد کي پنھنجي انا جو مسئلو ٺاھي رھي آھي، وفاق کي پنھنجي پاليسي تي نظر ثاني ڪندي ٻوڏ متاثرن جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي مدد ڪرڻ گھرجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ وفاقي حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ عالمي برادري کي امداد جي اپيل ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جتي اسان متاثرن جي مدد لاءِ 100 رپيا خرچ ڪري رھيا آھيون اتي اسان وٽ 200 رپيا ھجن ھا .
مريم نواز چيو ھو تہ کيس عوام جي خدمت لاءِ ڪنھن جي مفت مشورن جي ضرورت آھي ۽ ھر مسئلي جو علاج بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ناھي ۽ خيرات گھرڻ وارو سلسلو ھاڻ بند ٿيڻ گھرجي.
مريم نواز چيو تہ سنڌ ۾ ڪو ترقياتي ڪم ٿئي ٿو کيس خوشي ٿيندي پر سنڌ حڪومت ڪجھ ڪري تہ سھي، پنجاب ۾ ميٽرو ٺھي، اورنج لائين ۽ موٽر وي ٺھيو، روڊ جو ڄار وڇايو ان تي اوھان کي ڪھڙو اعتراض آھي.