جنھن گھر ۾ پيءُ پٽ جي نہ ٿي لڳي اھي فضول مھڻا ڏئي پنھنجي گناھن تي پردو وجھڻ چاھين ٿا: عظميٰ بخاري

فہرستِ مضامین

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظمي بخاري چيو آھي تہ  جنھن گھر ۾ پيءُ پٽ جي نہ ٿي لڳي اھي فضول مھڻا ڏئي پنھنجي گناھن تي پردو وجھڻ چاھين ٿا.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو تہ شرجيل انعام ميمڻ جو مناظري جو چيلينج قبول ڪري ورتو آھي، مناظري لاءِ جڳھ ۽ وقت ھو پاڻ طئي ڪري، شرجيل ميمڻ ڪنھن پراڪسي پٺيان لڪڻ بدران پاڻ اچي مناظرو ڪري، پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن بابت سندن گندي سياست جو بيانيو ناڪام ٿي ويو آھي

عظمي  بخاري چيو تہ اوھان کي پنجاب جي ٻوڏ متاثرن تي سياست ڪرڻ جو وزيراعظم چيو ھو؟ بلاول ڀٽو زرداري پرڏيھي وزير ھوندي پنھنجي جماعت سميت وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جون پاڙون کوکليون ڪندو رھيو.

اوھان پاڻ پنجاب حڪومت۽ وفاق خلاف سازشون سٽي رھيا آھيو، جڏھن بہ اوھان کي پنجاب جي ترقي سان ساڙ ٿيندو آھي اوھان سازشون شروع ڪري ڇڏيندا آھيو ۽ جڏھن اوھان کان ڪارڪردگي پڇي ويندي آھي تہ اوھان صوبائيت جو ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيندا آھيون.

 عظميٰ بخاري چيو ته ڏکڻ پنجاب ڪارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ کيڏڻ سياست نه آهي، ان کي گندگي چئبو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں