پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف، وزيراعظم پاران نواز شريف کي ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلافن تي ڳڻتي ظاھر ڪندي نواز شريف کي ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آھي.

 گذريل ڏينھن وزيراعظم شھباز شريف ۽ نواز شريف ۾ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪھاڻي سامھون اچي وئي آھي.

گذريل ڏينھن جاتي امرا ۾ ٿيل ملاقات ۾ مريم نواز بہ شريڪ ھئي،

 ذريعن جو چوڻ آھي تہ ملاقات دوران ڳالھائيندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ حڪومت بھتر نموني ھلائڻ لاءِ پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلافن کي ڇوٽ نہ ڏيڻ گھرجي.

ھن چيو تڳ پيپلزپارٽي حڪومت جي اتحادي آھي، اھي اختلاف ختم ڪرائڻا پوندا.

وزيراعظم پاران ٻنھي پارٽين ۾ صورتحال بھتر بڻائڻ لاءِ نواز شريف کي ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آھي تہ وزيراعظم شھباز شريف نواز شريف کي درخواست ڪئي تہ اوھان مريم نواز کي سمجھايو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں