بچاءَ واري وزير خواجه آصف، ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ بيانن تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هن ڀيري، انشاءَ الله، ڀارت پنهنجي ئي جهازن جي ملبي ۾ دفن ٿي ويندو.
خواجه آصف، ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته هندستاني فوجي ۽ سياسي قيادت جا بيان انهن جي ٽٽل ساک کي بحال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهن.
هن وڌيڪ چيو ته معرڪہ حق ۾ ڀارت 6 ٻڙي جي اسڪور سان شڪست کائڻ بعد جيڪڏهن ٻيهر اڳرائي جي ڪوشش ڪئي تہ اسڪور اڳ کان گهڻو بهتر هوندو.
خواجا آصف چيو تہ تاريخ جي بدترين شڪست کان پوءِ هندستان ۾ عوامي راءِ جو دٻاءُ حڪومت جي خلاف ٿي رھيو آهي ۽ جنهن طريقي سان مودي ۽ سندس ٽيم پنهنجي ساک وڃائي آهي، اهو قيادت جي بيانن مان ظاهر ٿي رهيو آهي.
خواجا آصف چيو تہ پاڪستان اللھ جي نالي تي قائم ٿيل رياست آھي، اسان جا محافظ اللھ جا سپاھي آھن، ھن ڀيري ڀارت انشاءِ اللھ پنھنجي ئي جھازن جي ملبي ۾ دفن ٿي ويندو. ان کان اڳ، پاڪ فوج جي ترجمان بہ ڀارت جي اعليٰ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي چڙ ڏياريندڙ بيانن تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو هو تہ ڪنهن بہ اڳرائي جو جواب پوري طاقت ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي ڏنو ويندو.