ملڪ مھانگائي جي شرح وڌي وئي، کاڌي پيتي ۽ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ وڏو اضافو ٿيو آھي.
وفاقي شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن موجب مهانگائي جي شرح ۾ 0.56 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ سالياني مهانگائي جي شرح 4.07 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي.
ھلندڙ هفتي دوران 19 شيون مهانگيون ۽ 12 شيون سستيون ٿيون، جڏھن ته 20 ضروري شين جون قيمتون مستحڪم رھيون، گيھ جي اگھن ۾اضافو رڪارڊ ڪيو ويو .
ٽماٽا 46.44 سيڪڙو مهانگا ٿيا، پيٽرول 1.72 سيڪڙو ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 1.45 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو.
ٿوم 1.41 سيڪڙو ۽ بصر 1.22 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو، جڏھن ته ڳاڙهي مرچ جو پائوڊر 0.72 سيڪڙو مهانگو ٿيو، جڏھن تہ گوشت 0.59 سيڪڙو مهانگو ٿيو آھي.
هڪ ڪلو بناسپتي گيهه 0.22 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو، ان کانسواءِ، سگريٽ سميت ٻيون شيون به مهانگيون ٿي ويون آهن.