بلوچستان جي علائقي خضدار ۾سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ فنتہ الھندستان جا 14 دھشتگرد مارجي ويا، 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن.
سڪيورٽي ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز خضدار جي علائقي زھري ۾ پرامن علائقي واسين کي ھراسان ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي آھي، ڪارروائي دوران 14 دھشتگرد مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا آھن.
سڪيورٽي فورسز ذريعن موجب ڪارروائي دوران دھشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا پڻ تباھ ڪيا ويا.
زھري جي عوام سڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن جي آجيان ۽ دھشتگردن جا ٺڪاڻا تباھ ڪرڻ تي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا ھنيا.
سڪيورٽي فورسز جو چوڻ آھي تہ فورسز فتنہ الھندستان جي خاتمي لاءِ پرعزم آھي، عوام جي سھڪار سان سندن صفايو ڪيو ويندو.
گذريل ڏينھن ۾ شيراني ۾ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ۾ 7 دھشتگرد مارجي ويا ھئا، دھشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ ھٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ آيو ھو.