آزاد ڪشمير ۾ صورتحال بھتر ٿيڻ لڳي، ڳالھين جو ھڪ دور مڪمل

فہرستِ مضامین

آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ پوليس اھلڪارن ۾ ڇڪتاڻ بعد صورتحال بھتر ٿيڻ لڳي.

حڪومتي ڪميٽي ۽ مظاھرين ۾ ڳالھين جو پھريون دور مڪمل ٿيڻ بعد اڄ ڳالھين جو ٻيو دور ٿيندو.

 وزيراعظم شھباز شريف پاران ڳالھين لاءِ راجا پرويز اشرف جي سربراھي ۾ جوڙيل ڪميٽي گذريل ڏينھن ھيلي ڪاپٽر وسيلي مظفر آباد پھتي ۽ رات دير تائين ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان مسئلي جو حل ڪڍڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ڪميٽي جو چوڻ آھي تہ ڳالھين واري عمل جي وزيراعظم پاڻ نگراني ڪري رھيو آھي، اميد آھي جلد مسئلو حل ٿي ويندو. آزاد ڪشمير جي اڳوڻي چيف جسٽس رٽائرڊ سيد منظور گيلاني عوامي ايڪشن ڪميٽي کي مثبت ڳالھيون ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں