ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 10 دھشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 10 دھشتگرد مارجي ويا.

سڪيورٽي ذريعن موجب ڪوئيٽا ويجھو غزھ بند  واري علائقي ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دھشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 10 دھشتگرد مارجي ويا، وٽائنن وڏي مقدار ۾ گولا بارود ھٿ ڪيو ويو آھي.

ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز جا 2 اھلڪار پڻ زخمي ٿي پيا آھن .

سڪيورٽي  فورسز ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان دھشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں