باني پي ٽي آءِ جي 9 مئي تي جِي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد

فہرستِ مضامین

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت باني پي ٽي آءِ جي 9 مئي تي جِي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جو ٽرائل روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آھي.

عدالت 8 شاهدن کي ٻيهر طلب ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي پراسيڪيوشن کي نوٽيس جاري ڪيا، جڏهن تہ ٻڌڻي دوران 3 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا.

شاهدن ۾ ڊي ايس پي اڪبر عباس، انسپيڪٽر عصمت ڪمال ۽ انسپيڪٽر تحزيب الحسن شامل آهن.

پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٽرائل کي روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي.

دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پي ٽي آءِ پاران درخواست ڪئي وئي هئي تہ جي ايڇ ڪيو حملو ٽرائل کي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي فيصلي تائين روڪيو وڃي.

عدالت 8 شاهدن کي ٻيهر طلب ڪرڻ لاءِ پراسيڪيوشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں