ڪرڪ ۾ فورسز ۽ پوليس جي آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافتہ 17 دھشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

خيبر پختونخواھ جي ضلعي ڪرڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافتہ 17 دھشتگرد مارجي ويا آھن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ مارجي ويل دھشتگردن وٽان ھٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو ھٿ ڪيو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب لڪي مروت ۽ ڪرڪ ضلعن جي سرحدي علائقي ۾ ملا نذير گروپ جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس پاران ڪارروائي شروع ڪئي وئي،  خارجي دھشتگردن کي وڏي مھارت سان گھيري ۾ آڻي نشانو بڻايو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ مارجي ويل دھشتگرد ڪيترن ئي بي گناھ شھرين ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف دھشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث ھئا.

آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد سيڪيورٽي فورسز جي واپسي تي علائقي واسين پاران سندن زبردست ۽ پرجوش آجيان ڪئي وئي، علائقي واسين سيڪيورٽي فورسز جي اھلڪارن سان گڏ جشن بہ ملھايو

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں