”عمران خان جي سڏ تي تحريڪ انصاف جو پشاور ۾ جلسو، سڄي ملڪ مان ڪارڪنن جي آمد“

فہرستِ مضامین

پاڪستان تحريڪ انصاف، عمران خان جي آزادي ۽ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ جلسو ڪري رهي آهي، پر هن ڀيري جلسو اسلام آباد بدران انهن جي هوم گرائونڊ يعني پشاور ۾ ٿي رهيو آهي۔

جماعت پاران هن جلسي لاءِ ڀرپور تياريون ڪيون ويون آهن ۽ جلسي ۾ شرڪت لاءِ خيبر پختونخوا کان کانسواءِ ملڪ جي ٻين علائقن مان به قافلا پشاور پهچي رهيا آهن۔

وزيراعليٰ جي ترجمان احمد فراز مغل ٻڌايو آهي ته قافلا پنجاب، سنڌ، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير مان پشاور پهچندا۔

هن جلسي لاءِ پشاور کي چونڊڻ بابت جماعت جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ اسلام آباد يا لاهور ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ انهن جي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو ويو۔

هنن 26 نومبر واري جلسي بابت ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ ريلي تي فائرنگ ٿي هئي، ان ڪري هن ڀيري پشاور جي چونڊ ڪئي وئي.

پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي ٿيندڙ هن جلسي جو مقصد عمران خان جي آزادي لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ آهي۔

پشاور جي رنگ روڊ ويجهو جلسي لاءِ اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي ۽ جلسي گاهه تائين پهچڻ لاءِ باقاعده ٽرئفڪ پلان جاري ڪيو ويو آهي۔

جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن جي رهنمائي لاءِ سوشل ميڊيا تي تفصيل ڏنا  ويا آهن ته ڪهڙي رستي سان جلسي گاهه تائين پهچجي۔

گذريل ڏينهن خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جلسي گاهه جو دورو ڪيو هو۔ هن اتي موجود ڪارڪنن کي چيو ته هي جلسو رڳو سياسي اجتماع ناهي، پر تاريخ جو هڪ سنهري باب بڻجڻ وارو آهي، ڇو ته عمران خان جي اڳواڻي ۾ حقيقي آزادي جو خواب هاڻ حقيقت بنجڻ جي ويجهو آهي۔

ان کان اڳ، پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجه ۽ ٻين اڳواڻن به جلسي گاهه جو دورو ڪيو هو ۽ چيو هو ته هي جدوجهد جاري رهندي۔

صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن سان گڏ سينيٽ جي ميمبرن، وزيرن ۽ اڳواڻن سوشل ميڊيا تي پنهنجي پنهنجي علائقي جي ڪارڪنن کي جلسي ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں