پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھڪ ڀيرو ٻيھر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي سنڌ ۾ ھارين ۽ آبادگارن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو آھي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ وفاق کي عالمي امداد وٺڻ گھرجي ھا، حڪومت انا ڇڏي پاليسي تي نظرثاني ڪري، ھن چيو تہ ٻوڏ سبب ڏکڻ پنجاب جا ماڻھو دربدر ٿي ويا آھن، حڪومت ٻڌائي تہ سندن ڪھڙو ڏوھ آھي؟، ٻوڏ سبب زرعي شعبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آھي،
سندس چوڻ ھو تہ مسقبل ۾ فوڊ سڪيورٽي جو مسئلو ٿي سگھي ٿو، سنڌ حڪومت ۽ ھارين ۽ آبادگارن کي پيڪيج ڏيندي، بينظير ڪارڊ ذريعي ھارين جي ڀاڻ جي خريداري ۾ مدد ڪئي ويندي.
ھن چيو تہ زرعي ٽيڪس واري معاملي تي آءِ ايم ايف ۽ ٻين ادارن سان ڳالھائڻ گھرجي، ڪوشش ھوندي ڪڻڪ جو امدادي اگھ مقرر ڪيو وڃي، جيئن ڪڻڪ ٻاھران نہ گھرائڻي پوي.
جونيئر جي سياست ۾ اچڻ جي آجيان
جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پنھنجي ڪزنس جي سياست ۾ اچڻ جي آجيان ڪندس، منھنجي ڀينرن يا ڪٽنب ڪزنس خلاف ڪو بيان ناھي ڏنو، سياست ۾ اچڻ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ سڀني جو حق آھي.
ھن چيو تہ ن ليگ حڪومت 27ھين آئيني ترميم بابت ھن وقت تائين آگاھ ناھي ڪيو، جڏھن آگاھ ڪيو ويو تہ پيپلزپارٽي پنھنجو موقف ڏيندي.
سرڪاري ملازمن جي پينشن مان ڪٽوتي نہ ٿيندي
سرڪاري ملازمن ملازمن جي احتجاج بابت سوال جو جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ملازمن جي پينشن مان ڪٽوتي نہ ٿيندي، ملازم پريشان نہ ٿين.
ھن چيو تہ ملازمن واري معاملي تي وڏي وزير کي مسئلو حل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، پيپلزپارٽي ڪڏھن بہ ملازمن کي پريشان ناھي ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ ڀارت پاڪستان مان دھشتگردن کي فنڊنگ ڪري رھيو آھي، بلوچستان مسئلي جو حل فوجي نہ پر سياسي آھي.