ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، ڀارت جا حمايت يافتہ 13 خارجي دھشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

اسلام آباد ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) خيبرپختونخواھ جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران ڀارت جا حمايت يافتہ 13 خارجي دھشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب 24 سيپٽمبر تي سڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڊرابن ۾سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ علائقي م ڀارتي پراڪسي “فتنہ الخوارج” واسطو رکندڙ دھشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر مطابق سڪيورٽي فورسز آپريشن دوران دھشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو، جنھن جي نتيجي ۾ 13 ڀارتي حمايتي خارجين کي ماريو ويو.

مارجي ويل دھشتگردن جي قبضي مان ھٿيار، بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ دھشتگرد ان علائقي ۾ دھشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث ھئا، جن ۾ ڊسمبر 2023 ۾ ڊرابن ۾ آپگھاتي حملي جي سھولتڪاري، سرڪاري اھلڪارن ۽ معصوم شھرين جي اغوا  ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ شامل آھن.

آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آھي تہ علائقي ۾ ڪنھن بہ ڀارتي حمايت يافتہ خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي، جڏھن تہ سڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي حمايت يافتہ دھشتگردي جي ناسور جي پاڙ پٽڻ لاءِ پر عزم آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں