اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن مان سزا ٻڌايل جوابدارن کي اپيل جو حق ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، عدالت چيو آھي تہ آرمي ايڪٽ ۾ بنيادي ضابطہ موجود آھن پر عام شھرين لاءِ اپيل جي مناسب فورم جي کوٽ آھي، حڪومت آزاداڻي اپيل لاءِ 45 ڏينھن اندر قانونسازي ڪري.
سپريم ڪورٽ، عام شھرين جي سويلين ٽرائل بابت حڪومت پاران داخل ڪيل انٽرا ڪورٽ اپيلن تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، جسٽس امين الدين خان 68 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جنھن ۾ جسٽس محمد علي مظھر 47 صفحن تي اضافي نوٽ لکيو آھي، جنھن سان جسٽس امين الدين، جسٽس حسن اظھر رضوي، جسٽس مسرت ھلالي ۽ جسٽس شاھد بلال اتفاق ڪيو آھي.
ان کان علاوہ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم افغان اختلافي نوٽ لکيو ھو، عدالت فوجي عدالت بابت 5 ججز جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ فوجي ٽرائل جي اجازت ڏني ھئي.
لکت جاري ڪيل فيصلي موجب عدالت فوجي عدالت کي سزا يافتہ جوابدارن کي اپيل جو ڏيڻ جوحڪم ڏنو، جڏھن تہ حڪومت کي 45 ڏينھن اندر اپيل جو حق ڏيڻ بابت قانونسازي جو بہ حڪم ڏنو. آھي.
آرمي ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو مناسب فورم ناھي
لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي سپريم ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ لکيو تہ مناسب آئيني رد عمل جو مقصد آرمي ايڪٽ جي شقن کي ھڪدم ڪالعدم قرار ڏيڻ ناھي، آرمي ايڪٽ ۾ بنيادي ضابطہ موجود آھن پر عام شھرين لاءِ اپيل ڪرڻ لاءِ مناسب فورم جي کوٽ آھي، فوجي عدالتن مان سزا ٻڌايل شھرين لاءِ ھائيڪورٽ ۾ آزاداڻي اپيل لاءِ قانونسازي کي پورو ڪرڻ گھرجي.
فيصلي ۾ چيو ويو آھي تہ ڪيس دوران اٽارني جنرل ڪيترائي ڀيرا اپيل تي حڪومتي ھدايتن لاءِ وقت گھريو، 5 مئي تي آخري ٻڌڻي دوران بہ اٽارني جنرل ائين چيو، فيصلي موجب اٽارني چيو تہ عدالت ڏيندي تہ پارليامينٽ قانونسازي ڪندي، اٽارني جنرل اھا بہ خاطري ڪرائي تہ عدالتي حڪم کي سنجيدگي سان ورتو ويندو.
قانونسازي جي ضرورت آھي
فيصلي ۾ چيو ويو تہ آزاد اپيل جي حق جي موجودگي ۾ آرمي ايڪٽ ۾ موجود ضابطہ ڪار عام شھرين لاءِ آئيني طور تي مڪمل ناھي، اپيل جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ قانونسازي جي مداخلت جي ضرورت آھي، آرمي ايڪٽ تحت ٽرائلز آئيني طور تي بنيادي حق جي نظام کان ٻاھر رکيو ويو آھي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق ملٽري ٽرائل ۾ آرٽيڪل 10 اي ۾ واضح معيار جي پاسداري ٿيڻ گھرجي، فوجي عدالتن ۾ ٽرائل اختيارن جي تقسيم جي اصولن سان ٽڪراءَ جوڳو ناھي، آرٽيڪل 175 ( 3) فوجي عدالتن جي وجود جي ابتڙ ناھي، 5 رڪني بينچ اھو نتيجو ڪڍڻ ۾ غلطي ڪئي.
سپريم ڪورٽ، عام شھرين جي ڪورٽ مارشل جي حوالي سان اپيلن تي فيصلو 7 مئي 2025 تي ٻڌايو ويو ھو، 7 رڪني بينچ مان 5 ججز اپيلن کي منظور ۽ ٻن ججز رد ڪيو ھو.