عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ھدايت تي جولري سيٽ توشہ خانہ ۾ جمع نہ ڪرايا: ملٽري سيڪريٽري

فہرستِ مضامین

توشه خانه ٽو ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ملٽري سيڪريٽري بريگيڊيئر ريٽائرڊ محمد احمد جو  بيان سامهون آيو آهي.

عدالتي دستاويزن موجب بريگيڊيئر ريٽائرڊ محمد احمد چيو آهي ته بلغاري جيولري سيٽ ۽ ٻين تحفن کي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي هدايت تي توشه خانه ۾ جمع نه ڪرايو ويو.

هن ٻڌايو ته هو 15 مئي 2020 کان 10 اپريل 2022 تائين ملٽري سيڪريٽري رهيو، جڏهن ته 7 کان 10 مئي 2021 تائين سعودي عرب جي دوري ۾ عمران خان سان گڏ هو.

سعودي ولي عهد طرفان ملندڙ تحفن ۾ جيولري سيٽ، عود جون بوتلون، زيتون جو تيل، کجور ۽ هڪ ڪتاب شامل هئا، جن جي ماليت توشه خانه ۾ 29 لک 14 هزار 500 رپيا لڳائي وئي جڏهن ته بشريٰ بي بي طرفان اها رقم جمع ڪرائي وئي.

بريگيڊيئر ريٽائرڊ محمد احمد موجب تحفن جون سڀ تصويرون سرڪاري پروٽوڪول مطابق ڪڍيون ويون، نيب ۽ ايف آءِ اي اڳيان به بيان رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته ماليت جو تعين ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري عمران خان جي حڪم تي ڪيو.

ٻئي پاسي ايف آءِ اي اختيارين چيو آهي ته بلغاري سيٽ جي اصل قيمت 7 ڪروڙ 50 لک رپيا هئي، پر پرائيويٽ اپريزر صهيب عباسي قيمت 59 لک لڳائي، ۽ عمران خان صرف 29 لک قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا.

اختيارين موجب سيٽ ۾ نيڪليس، بريسلٽ، ايئر رنگز ۽ منڊي شامل هئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ به ڪيس جا ٻه اهم شاهديون، عمران خان جا اڳوڻا پرسنل سيڪريٽري انعام الله شاهه ۽ اپريزر صهيب عباسي، پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں