ڪراچي: پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراھ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سنڌ ۾ صوبي واري بيان جي مذمت ڪندي کين خبردار ڪيو آھي تہ ايم ڪيو ايم جي صوبي واري خواهش ۽ خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.
سسئي پليجو پنھنجي بيان ۾ چيو تہ سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالهه نه رڳو سنڌ پر پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڳالهه برابر سمجهون ٿا، اھڙي سوچ جي مذمت ڪريون ٿا .
ھن چيو تہ سنڌ جا باشعور ماڻهو ڪڏهن به سنڌ کي ورھائڻ نه ڏيندا ۽ نه رڳو سنڌي ڳالهائيندڙ پر سنڌ ۾ رھندڙ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن بہ ان سوچ جي مذمت ڪئي آھي
سنڌ خاطر سخت مزاحمت به ڪري سگھون ٿا ۽ ايم ڪيو ايم جو اھڙو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيڻ ڏينداسين.
سسئي پليجو چيو تہ ايم ڪيو ايم کي اڳيان ڪري پنهنجي ڳجھي ايجنڊا پوري ڪرڻ جا خواھشمند به ٻڌي ڇڏين ته سنڌ ھڪ آھي ۽ سنڌ ھڪ رھندي۔
سنڌ سلامت آھي ته پاڪستان سلامت آھي، اھا ڳالهه کين سمجهڻ گھرجي۔
سسئي پليجو پاران 27ھين ترميم جو ذڪر
سسئي پليجو چيو تہ27 ھين ترميم ۾ جيڪڏهن نئين جغرافيائي تبديلي صوبي جي رضامندي کانسواء يا ڪا به سنڌ دشمن شق شامل ھوندي ته ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين۔
اڄڪلهه جون پريس ڪانفرنسون ۽ 27 ترميم کان اڳ ٿيندڙ سمورين ڊراميبازين جو وفاق نوٽيس وٺي.
سنڌ جا ماڻهو محب وطن آھن ۽ سنڌ پاڪستان جو باني صوبو آھي انھي کي بار بار ڪڏهن پنجاب حڪومت طرفان ڪڏهن نام نھاد يوٽيوبرز طرفان نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪريون ٿا
وفاقي حڪومت پاران به 27 ترميم ۾ جيڪڏهن انھي سوچ جي تحت ڪا پيش رفت ٿيندي ته ان جي به مذمت ڪنداسين۔
ھن چيو تہ سڀني کي سمجهڻ گھرجي ته نه رڳو سنڌ پاڪستان ٺاھڻ جي ڳالهه ڪئي ھئي پر اڄ به سمورين حالتن کي سنڌ پنهنجي ڪلھن تي کڻي بيٺل آھي۔
ھائيبرڊ حڪومت اڳ ۾ به پولرائيزيشن واري ماحول کي ھٿي ڏني آھي وڌيڪ ملڪ جو ماحول خراب نه ڪيو وڃي.