اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) پاڪستان واضح ڪيو آھي تہ سعودي عرب سان ٿيل دفاعي معاھدو ڪنھن “ٽئين ملڪ” خلاف استعمال نہ ٿيندو، ڪجھ ملڪن ھن دفاعي معاھدي ۾ شامل ٿيڻ جي خواھش ظاھر ڪئي آھي پر وڌيڪ ڪنھن ملڪ جي ھن معاھدي ۾ شموليت بابت ڪجھ چوڻ کان اڳ ھوندو.
اسلام آباد ۾ پرڏيھي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان ميڊيا کي ھفتيوار بريفنگ ڏني، جنھن دوران کائنس پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل دفاعي معاھدي بابت سوال ڪيو ويو.
پرڏيھي کاتي جي ترجمان جواب ۾ چيو تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ھلندڙ ھفتي جي شروعات ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاھدو ڪنھن ٻي ملڪ کي ڌمڪائڻ لاءِ استعمال نہ ڪيو ويندو.
پرڏيھي ترجمان ان معاھدي کي خطي ۽ دنيا ۾ امن توڙي سلامي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اھم سنگل ميل قرار ڏنو، ھن چيو تہ 1960ع دوران اسلام آباد ۽ رياض وچ ۾ لاڳاپن ۾ اھم ڪردار دفاعي سھڪار جو رھيو آھي.
شفقت علي خان جو چوڻ تہ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاھدو ڪيترائي ڏھاڪا پراڻي ۽ مضبوط دفاعي ڀائيواري کي باضابطہ شڪل ڏئي ٿو، ھي معاھدو دفاعي نوعيت جو آھي، ڪنھن ٽئين ملڪ خلاف استعمال نہ ٿيندو.
پرڏيھي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل ھي معاھدو علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو رد عمل
ھوڏانھن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سعودي عرب سان تاريخي دفاعي معاھدو ھڪ رات ۾ طئي ناھي ٿيو، ھن معاھدي ۾ ڪيترن مھينن جو وقت لڳو آھي، ٻنھي ملڪن وچ ۾ تاريخي دفاعي معاھدو ھميشہ کان موجود ھو.
ٻين ملڪن جي ھن معاھدي ۾ شرڪت جي سوال تي اسحاق ڊار چيو تہ ان حوالي سان ڪجھ چوڻ وقت کان اڳ ھوندو، پر ڪجھ ملڪ ھن معاھدي ۾ شامل ٿيڻ جي خواھش رکن ٿا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي وزير جو چوڻ ھو تہ دفاعي معاھدي سان ٻئي ملڪ خوش آھن،ھن ڏکي وقت ۾ سعودي عرب جي مدد تي ٿورو مڃيندي چيو تہ سعودي حڪومت پاڪستان تي پابندي جي وقت ۾ ڀرپور حمايت ڪئي آھي.اسحاق ڊار وڌيڪ چيو تہ سعودي عرب سدائين پاڪستان جو ڏکي وقت ۾ ساٿ ڏنو، ڪرنٽ ڪرائسز ۽ آءِ ايم ايف پئڪيج لاءِ بہ بردار اسلامي ملڪ اسان کي سپورٽ ڪئي.
پاڪ سعودي دفاعي معاھدو
واضح رھي تہ وزيراعظم شھباز شريف جي سعودي عرب جي دوري دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ 18 سيپٽمبر تي “اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاھدي” تي صحيون ٿيون ھيون، جنھن تحت ڪنھن بہ ھڪ ملڪ خلاف جارحيت کي ٻنھي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪيو ويندو.
گڏيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ھو تہ گڏيل معاھدي تي رياض ۾ سعودي ولي عھد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شھباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ”اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاھدي” تي صحيحون ڪيون ھيون.
پڌرائي ۾ چيو ويو ھو تہ ھي معاھدو ٻنھي ملڪن جي پنھنجي سلامتي ، خطي ۽ دنيا ۾ سلامتي توڙي امن جي حصول لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، جنھن جو مقصد ٻنھي ملڪن وچ ۾ دفاعي سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ ۽ ڪنھن بہ جارحيت خلاف گڏيل دفاع توڙي تحفظ کي مضبوط بڻائڻ آھي.