سامونڊي فوج جو ڏھاڙو: صدر، وزيراعظم ۽ بلاول ڇا چيو؟

فہرستِ مضامین

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سامونڊي فوج جو ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي، صدر آصف زرداري، وزيراعظم شھباز شريف ۽ ٻين  پاڪ نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.

ملڪ جي مختلف شھرن ۾ پاڪستان نيوي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون به منعقد ڪيون پيون وڃن، تقريبن دوران پاڪستان نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته وطن جي دفاع لاءِ ڏنل پاڪستان نيوي جون قربانيون ڪڏھن به وساري نٿيون سگھن.

صدر آصف علي زرداري جو پيغام

صدر آصف علي زرداري طرفان سامونڊي فوج جي ڏھاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 1965ع واري جنگ ۾ پاڪستان نيوي ھمت ۽ جرئت جي نئين تاريخ رقم ڪئي، اڄ به سامونڊي فوج دشمن لاءِ خوف جي علامت بڻيل آھي.

ھن چيو ته ھو پاڪستان نيوي جي بھادر جوانن ۽ آفيسرن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، پاڪ نيوي ھميشھ ملڪ جو دفاع ڪندي رھي آھي، پاڪ نيوي واپاري رستن جو تحفظ ۽ عالمي امن مشن ۾ به ڪردار ادا ڪندي رھي آھي.

سندس چوڻ ھو ته آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪستان نيوي ملڪي سامونڊي سرحدن جي حفاظت ڪئي ۽ دشمن جي ھر قسم جي اڳرائي کي ناڪام بڻايو، سامونڊي فوج جي ڏھاڙي تي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، اسان کي پنھنجن شھيدن ۽ غازين تي فخر آھي.

وزيراعظم شھباز شريف جو پيغام

وزيراعظم شھباز شريف سامونڊي فوج جي ڏھاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پاڪستان نيوي ملڪ جي محافظ ۽ سندن روشن مستقبل جي معمار آھي، سامونڊي فوج ھميشه قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي، اڄ ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ آبي مفادن جي تحفظ جو ڏينھن آھي.

سندس چوڻ ھو ته سامونڊي فوج جي تاريخ بھادري سان ڀريل آھي، 1965ع واري جنگ جو آپريشن سومناٿ ھڪ يادگار حيثيت رکي ٿو، پاڪستان نيوي ڀارتي شھر دوارڪار تي حملو ڪري مواصلاتي نظام کي تباھه ڪيو، اھا تاريخي فتح اڄ به جوانن جذبي کي تازو ڪري ٿي.

وزيراعظم شھباز شريف چيو ته عربي سمنڊ ۾ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ پاڪستان نيوي جو اھم ڪردار آھي، آپريشن بنيان مرصوص ۾ سامونڊي فوج پنھنجي تياري ۽ عزم جو عملي ثبوت ڏنو، سامونڊي فوج ملڪ جي محافظ ۽ روشن مستقبل جي معمار آھي.

شھباز شريف چيو ته پاڪستان نيوي جو بندرگاھن جي تعمير ۾ به اھم ڪردار آھي، اڄ سامونڊي فوج جي ڏھاڙي تي پنھنجي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، جن پاڪستان لاءِ پنھنجون زندگيون به قربان ڪري ڇڏيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پيغام

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يوم بحريا جي موقعي تي پاڪستان نيوي جي جوانن ۽ آفيسرن کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.

يوم بحريا جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان نيوي هميشه وطن جي ساموندي حدن جو دفاع ڪيو آهي، 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستان نيوي وطن جي دفاع ۾ تاريخي ڪارناما سرانجام ڏنا.

سندس چوڻ ھو ته 1965ع جي جنگ ۾ آپريشن سومناٿ سميت پاڪ نيوي جون تاريخي ڪاميابيون قوم لاءِ فخر جوڳيون آھن، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي مضبوط سامونڊي سرحدن جو خواب ڏٺو ھو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار ڀٽو ايٽمي پروگرام ذريعي پاڪستان جي خودمختياري ۽ دفاع جو بنياد رکيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ملڪ جي سامونڊي سرحدن کي مضبوط بڻايو ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جو ويزن ڏنو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں