پنجاب ۾ ٻوڏ سبب 4155 ڳوٺ متاثر ٿيڻ ۽ فوتين جو انگ 56 تائين پھچڻ جي تصديق ٿي آھي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ آھي تہ ٻوڏ سبب ھن وقت تائين پنجاب جا 4155 ڳوٺ متاثر ٿيا آھن، جڏھن تہ فوتين جو انگ بھ 56 تائين پھچي ويو آھي.
سندس چوڻ ھو تہ رليف ڪيمپس ۾ ھن وقت 60 کان 70 ھزار ماڻھو موجود آھن، جن کي سھولتون فراھم ڪيون پيون وڃن، 500 جي لڳ ڀڳ ميڊيڪل ڪيمپس بہ لڳايون ويون آھن.
درياھن جي صورتحال
درياھن جي صورتحال بابت ٻڌائيندي ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو تہ پنجاب جي ٽنھي درياھن ۾ پاڻي جو دٻاءُ گھٽجي رھيو آھي، راوي ۾ جسڙ وٽ پاڻي وھڪرا 65 ھزار ڪيوسڪس آھن، تريمون وٽ 5 لک 43 ھزار ڪيوسڪس جو وھڪرو گذري رھيو آھي، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ تريمون وٽ وھڪرا 6 لک ڪيوسڪس ٿي سگھن ٿا.
پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ٻوڏ واري صورتحال
ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا چيو تھ پنجاب ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو رليف آپريشن ھلي رھيو آھي، ملتان ۾ ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ دوران بہ اھا صورتحال برقرار رھندي، انڪري اتي ريسڪيو آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويو آھي.
عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ ھو تہ نارو وال، سيالڪوٽ، حافظ آباد ۽ چنيوٽ ۾ متاثرن جي بحالي واري عمل طرف وڌي رھيا آھن، جڏھن تہ خانيوال، جھنگ ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آھي.
برسات سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون
ڊي جي بي ڊي ايم اي پنجاب موجب ڪجھھ علائقن ۾ تيز برسات سبب ريسڪيو آپريشن متاثر ٿي رھيو آھي، گجرات ۾ ھن وقت بھ برسات جو سلسلو جاري آھي، جنھن سبب اتي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي.